نواز شريف جي واپسي لاءِ برطانوي وزير اعظم سان ڳالهائڻو پيو ڳالهائيندس“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾وزير اعظم عمران خان مخالف ڌر جي خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزير اعظ۾ چيو ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهي، نواز شريف جي واپسي لاءِ برطانوي وزير اعظم سان ڳالهائڻو پيو ته ڳالهائيندس.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اهم اجلاس ٿيو اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ ترجمانن کي مخالف ڌر جي خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

وزير اعظم چيو ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهي، مخالف ڌر سول ملٽري لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.

وزير اعظم چيو ته نواز شريف جي واپسي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، برطانوي وزير اعظم سان ڳالهائڻو پيو ته ڳالهائيندس، نواز شريف کي وطن واپس آڻي قانون جي تابع ڪنداسين، قانوني ٽيم کي نواز شريف جي واپسي جي لاءِ سمورن فورمز استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.