سينيٽ ۾ مريم نواز جي ڪمري جو دروازو ٽوڙڻ ۽ آءِ جي سنڌ جي اغوا خلاف ٺهراءُ پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي هوٽل ڪمري جو مبينا طور تي دروازو ٽوڙڻ، ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري ۽ انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ جي مبينا جي اغوا جي جاچ لاءِ ايوان ڪميٽي بڻائڻ جو مطالبو ڪندي پيش پيش ڪري ڇڏيو.

سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا ظفر الحق ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي ۾ مريم نواز سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو ۽ جهڙي طرح آءِ جي سنڌي کي اغوا ڪيو ويو، ان تي سينيٽ جي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا معاملي جي جاچ ڪري.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي واقعي جون حقيقتون سامهون آڻي ۽ ذميوارن کي ڳولهي.

سينيٽ ۾ ايوان جي سربراهه ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته واقعي جي صوبائي حڪومت ۽ پاڪستان جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه انڪوائري جو اعلان ڪيو آهي، ان ڪري انهن انڪوائريز جي رپورٽن جو انتظار ڪرڻ گهرجي.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته آئون ان معاملي کي ايوان ۾ بحث آندو وڃي ۽ پوءِ ڪميٽي جوڙي وڃي.

ايوان جي سربراهه چيو ته ايوان محترم آهي ان ڪري ايوان جي ذميواري به بڻجي ٿي ۽ جيستائين ڪا ڳالهه سامهون نٿي اچي رڳو تصورن تي ڪميٽي بڻائڻ سان پاسو ڪرڻ گهرجي جيئن ايوان جو تقدس برقرار رهي.

شيري رحمان:

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي سينيٽ، هائوس آف فيڊريشن آهي ۽ هي صوبن جو معاملو آهي ان ڪري ايوان جو استحقاق آهي ۽ ذميواري بڻجي ٿي ته سينيٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ جاچ جو ڪو رستو ڪڍي.

سندس چوڻ هو ته اِها ڳالهه نٿي ٿي سگهي ته رڳو انتظاميا ڪم ڪري، هي وڏو واقعو هو جيڪو صوبن ۽ وفاق جي رشتي کي ڊانوان ڊول ڪري رهيو آهي ڇو ته ايتري وڏي ڳالهه ٿي آهي جو هڪ آءِ جيءَ کي اغوا ڪري هن کان ايف آءِ آر تي صحيح ڪرائي وئي.

شيري رحمان چيو ته ان کان پوءِ ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس پيز سميت ايترن سارن آفيسرن درخواستون ڏنيون ۽ 10 ڏينهن کان پوءِ پنهنجي درخواست واپس وٺڻ جي نظرثاني ڪنداسين، اسان کي هن وقت تائين جاچ ۽ انويسٽي گيشن جا نتيجا نظر اچڻ گهرجن.

 سندس چوڻ هو ته ان واقعي جي مذمت ڪيو ۽ ان تي هتي تفصيلي ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ ٽي وي وفاقي وزيرن جا بيان سامهون اچي رهيا آهن ته هو صوبي جي اعليٰ آفيسر ۽ گريڊ 22 جي آفيسر تي اهڙي طرح ڌاٻي ڌمڪي سان ايف آءِ آر ڪٽرائي رهيا آهن.

شيري رحمان چيو ته هڪ عورت جي ڪمري جو دروازو ٽوڙڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي اِهو ڪٿان جو قانون آهي، جهنگ جو قانون آهي ۽ ان تي سڄي پولييس مزاحمت ڪئي آهي، هي حساس معاملو ۽ ان جا اثر گهرا ٿي سگهن ٿا ان ڪري اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ان معاملي تي انويسٽي گيشن ٿيڻ گهرجي، سينيٽ جو پنهنجو ڪردار آهي ان ڪري کيس طاقتور بڻايو.

رضا رباني:

سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو ته نهايت سنگين مسئلو آهي، جنهن جي ڪري سينيٽ يا پارليامان جي مداخلت ضروري آهي ۽ قائدن موجب ان معاملي تي سينيٽ ان معاملي کي ڏسي.

هن چيو ته ان معاملي ۾ وفاقي حڪومت صوبي جي معاملن ۾ سڌي سنئين مداخلت ڪئي، ان سان صوبائي خودمختاري متاثر ٿي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پارليامان پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته ٿي سگهي ٿو تاريخ جو ڏوهاري بڻجي ڇو ته پوليس باوردي ۽ هٿياربند فورس آهي،  جنهن موڪل جي درخواست ڏئي احتجاج رجسٽرڊ ڪرايو.

رضا رباني چيو ته باوردي فورس جو اهڙي طرح جو احتجاج  تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي، پوليس آفيسر اِهو ڄاڻيندي ته رياست جي خلاف يا رياست جي ڪنهن قدم جي خلاف حتجاج ڪري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ان جو ڀَرپائي نه ڪئي وئي ته ان جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جاچ جو اعلان ڪيو جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي پر اِها انڪوائري اداره جاتي آهي، هتي هڪ اداري ٻئي اداري جي قدمن خلاف احتجاج ڪيو آهي جيڪو رياست ۽ وفاق جو حصو آهي.

اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن پارليامان پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ڇو ته هڪ وزير آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کي ڌمڪي ڏني ته معاملو ڪابينا جي آڏو اٿاريندس جڏهن ته آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري وفاقي ڪابينا جي آڏو جوابده ناهي.

هن چيو ته وفاقي حڪوتم جي ترجمان جو 20 آڪٽوبر وارو بيان ڏسنداسين ته ائين لڳي ٿو ڄڻ مرڪزي حڪومت کي ان واقعي جي پهرين خبر هئي.

فروغ نسيم:

قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير فروغ نسيم مخالف رڌ کي جواب ڏيندي چيو ته سينيٽ جو استحقاق ۽ ڪردار آهي ان ڪري اسان کي اعتراض نه هوندو ۽ سچ سامهون اچڻ گهرجي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي دٻاءُ هو ته اُهو غلط هو پر قائد اعظم جي مزار واري معاملي تي به ته ڪير ڳالهائي جو پوليس ايف آءِ آر ڇو نه ڪري رهي هئي يا دير ڪري رهي هئي، ان جو به پتو لڳايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.