قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرواري جي ملڪيت ۽ بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ هن جي گهرواري پنهنجي ملڪيتن ۽ بينڪ اڪائونٽس جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي.

ويمن ايڪشن فورم آرٽيڪل 19 اي جي تحت ججن جي اثاثن جي باري ۾ خط لکيو هو. جاري ڪيل تفصيل موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٽن سالن ۾ 66 لک 71 هزار 722 رپيا ٽيڪس ڏنو.

ٽن سالن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي آمدني 5 ڪروڙ 34 لک 97 هزار 865 رپيا رهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌايو ته هن فيز 2 ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ ٻه 800 گز جا وڪيل طور پلاٽ خريد ڪيا جڏهن ته 4 ڪروڙ 13 لک 30 گزار 856 رپيا هن جي بينڪ اڪائونٽ ۾ موجود آهن.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌايو ته سال 2018ع ۾ هن جي آمدني 1 ڪروڙ 51 لک 13 هزار رپيا هئي، سال 2018ع ۾ 22 لک 916 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ موجب سال 2019ع ۾ هن جي آمدني هڪ ڪروڙ 39 لک 972 رپيا هئي ۽ هن سال هن 17 لک 92 هزار 7 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ موجب سال 2020ع ۾ آمدن 2 ڪروڙ 12 لک 37 هزار 921 رپيا هئي جنهن تي 26 لک 78 هزار 799 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.