احمدپور: ڌاڙيلن جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس چڙهائي،مقابلو،7 ڌاڙيل مارجي ويا

احمدپور ويجهو ڪچي واري علائقي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ڪيٽي زمان شاهه ۾ خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ۽ سي آءِ اي انچارج عبدالحميد پنهور جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن جي موجودگي جي اطلاع تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو ته ڌاڙيلن پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۽ سخت مقابلي دوران سنڌ جي بدنام ڌاڙيل نظرو ناريجي جو سڳوسئوٽ پٺاڻ ناريجو، نظرو ناريجو جو نياڻو سرفراز عرف زاهد ناريجو، بدنام ڌاڙيل اقبال عرف اڪو ناريجو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ عباس ناريجو، ملهڻ شيخ، سندس پٽ درل شيخ ۽ مولابخش ڪلهوڙو سميت 7 ڌاڙيل مارجي ويا ، مارجي ويل ڌاڙيلن پٺاڻ ناريجو ۽ اقبال عرف اڪو ناريجو مٿان سنڌ سرڪار پاران 10_10 لک روپيا انعام رکيل هو، مارجي ويل ڌاڙيل خيرپور ضلعي جي عوام لاءِ وڏي دهشت جي علامت بڻيل هئا جن مٿان ضلعي خيرپورجي مختلف ٿاڻن تي اغوا، ڌاڙا ، ڦرون ۽ چورين جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن، پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان وڏي تعداد ۾ راڪيٽ لانچر۽ جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا ، مقابلي ۾ مارجي ڌاڙيلن جا لاش برادي جتوئي ٿاڻي آندا ويا ، ان ڏس ۾ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي موجودگي جي اطلاع تي وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري ڌاريلن جي ٺڪاڻن تي چڙهائي ڪئي ته ڌاڙيلن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾بدنام ڌاڙيل مارجي ويا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.