حيدرآباد: ميڊيا جي آزادي، ورڪرز جي جبري برطرفين ۽ پگهارن مان ڪٽوتي خلاف مظاهرو

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان ميڊيا جي آزادي، ميڊيا ورڪرز جي جبري برطرفين ۽ پگهارن مان ڪٽوتي ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد کوکر، ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح، ايڇ يو جي جنرل سيڪريٽري منصور مري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ڄام فريد لاکو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، مظاهري  کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته موجوده حڪومت اظهار جي آزادي جي دشمن بڻجندي ميڊيا جي آزادي تي وار ڪيو آهي، حڪومت جي  ميڊيا مخالف پاليسن ڪري ڪيترائي ميڊيا هائوسز بند ٿي چڪا آهن جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ڪارڪنن جي گهرن ۾ فاڪا آهن ، هنن وڌيڪ چيو ته جبري برطرفي، پگهارن مان ڪٽوتي ۽ پگهار روڪڻ وارو عمل بند نه ڪيو ويو ته مرحليوار تحريڪ هلندي ۽  اسلام آباد ۾ مرڻ گهڙي تائين  بک هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.