گمبٽ/کهڙا : جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ٻين اڳواڻن جون رابطا مهم ريليون

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڊرٻ ميھر شاھ، کهڙا ۽ گمبٽ ۾ رابطا مهم جي سلسلي ۾  ريليون ڪڍي  پريس ڪلب گمبٽ پهتو، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان گڏ  امجد خان مهيسر، ديدار شاهه، اياز ڪورائي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا ، ان موقعي تي ڳالهائيندي  جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ هو ته وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي. ٻيٽن جا وارث سنڌ واسي آهن. صدارتي آرڊينس خلاف 25 آڪٽوبر تي سمورا سنڌ واسي گڏ ٿي ٻٻرلو باءِ پاس تي احتجاج ۾ شريڪ ٿين ۽ اهو ثابت ڪن ته اسين سنڌ جا وارث آهيون. پ پ سنڌ ۾ ٻٽو نظام رکيو پئي اچي،  پ پ کي گھرجي ته هو پنهنجو موقف چٽو رکي،  پ پ سرڪار وفاق کي پاڻ ئي ٻيٽ لکي ڏنا ۽ هاڻي سنڌ واسين جي احتجاج بعد سنڌ حڪومت مخالفت ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.