لاهور: اڪيڊمي آف لٽريچر جي چيئرمين جي پنجاب جي گورنر سان ملاقات

اڪيڊمي آف لٽريچر پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي گورنر چيئرمين اڪيڊمي آف لٽريچر پاڪستان کي يقين ڏياريو ته پنجاب گورنمينٽ اڪيڊمي آف لٽريچر پاڪستان تحت پنجاب ۾ اهل قلم ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ اڪيڊمي آف لٽريچر پاڪستان لاهور جي صوبائي آفيس لاءِ زمين فراهم ڪرڻ جي عمل ۾ ھر ممڪن تعاون ڪندي. ان موقعي تي چيئرمين اڪيڊمي آف ادب پاڪستان ڊاڪٽر يوسف خشڪ اڪيڊمي جا ڪتاب پنجاب جي گورنر کي پيش ڪيا.گورنر پنجاب ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي سربراهي ۾ اڪيڊمي آف لٽريچر پاڪستان پاران پاڪستان جي ادب جي واڌاري ۽ اديبن جي فلاح لاءِ ڪوشش کي ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.