لاهور: اڪيڊمي آف لٽريچر پاران ” اديبن سان مڪالمو“ جي عنوان سان گڏجاڻي

اڪيڊمي آف لٽريچر پاڪستان جو  چيئرمين چونڊجڻ کانپوءِ  ڊاڪٽر يوسف خشڪ پاران  پهريون ڀيرو اديبن سان مڪالمي جي عنوان سان هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي ، جنهن ۾ ناليواري شاعر امجد اسلام امجد ، اصغر نديم سيد سميت پنجاب جي ٻين ناليوارن شاعرن ، اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، گڏجاڻي ۾ ماضي ۽ حال جي ادب تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ، اديبن جو چوڻ هو ته ڊجيٽلائيز ٿيڻ کانپوءِ هاڻوڪي دور ۾ ڪتاب جي اهميت گهٽجندي پئي وڃي، اسان کي ماضي ۽ حال کي گڏ کڻي ڪو اهڙو رستو اختيار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ پڙهندڙ ڪتاب ۽ ڊجيٽل ميڊيا ٻنهين  سان هڪجهڙو رشتو قائم رکي سگهي

ان موقعي تي ڊاڪٽر يوسف خشڪ پاران   پنجاب  جي اديبن  کي سندن  مسئلن جي حل بابت  خاطري ڪرائي وئي ، ۽ انهن جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريو ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.