ڪورونا وائرس ڪراچي جي هڪ ٻئي مسيحا جو سر کڻي ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس مان متاثر جناح اسپتال جو اڳوڻو پروفيسر ڊاڪٽر سيد وقار احمد علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو.

جناح اسپتال ڪراچي جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي تصديق ڪئي آهي ته ڊاڪٽر سيد وقار احمد جناح اسپتال جو پروفيسر هو، ڪورونا جي تصديق کان پوءِ هو ڪجهه ڏينهن کان ضياءُ الدين اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، پروفيسر وقار گذاريل ڏينهن دوران ڪاليج آف فزيشن اينڊ سرجنز ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو هو.

ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ هو ته پروفيسر ڊاڪٽر وقار جناح اسپتال ۾ 1987 ۾ جوائننگ ڏني هئي ۽ 2012ع ۾ ريٽائرڊ ٿيو هو، ڊاڪٽر وقار جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.