ڌاٻيجي ۾ هر طرف گندگي، پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ

ڌاٻيجي (ن ع آ) بلديات جي نظام ختم ٿيڻ کانپوءِ ڌاٻيجي جا هڙئي علائقا گندگي جي ور چڙھي ويا آھين پئيڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آھي چونڊيل نمائندن جي ڪن جوء به نٿي سري طاهر قائم خاني خبر موجب ڌاٻيجي جي واپاري اڳواڻ طاهر قائمخاني ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيندي چيو ته ڌاٻيجي جي مختلف علائقن شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ،بلال نگر ،ماڊل ٽاون ،غريب آبادمارڪيٽ سميت سڄا علائقا گندگي جي ور چڙھي ويا آھين گندگي جي ڪري مختلف پيٽ جي بيمارين خارش جهڙي منهن ڪڍيو آھي ٻئي پاسي پئيڻ جوپاڻي اڻلڀ ٿي ويوآھي جنهن ويتر عوام کي ٻٽي عذاب۾مبتلا ڪري ڇڏيو آھي پورهيت طبقو سخت ڏکيائين کي منهن ڏي رهيو آھي هن ڊي سي  ٺٽو ۽ وس کي نوٽس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته فوري طوري گندگي ختم ڪرائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.