ڪلوئي جا 120 کان وڌيڪ اسڪول بند، تعليم تباهه

ڪلوئي ) رپورٽ : نواز لنڊ ) ايجوڪيشن کاتي جي نئين پاليسي موجب تعلقي ڪلوئي جي 348 اسڪولن مان 116 اسڪولن کي نان وائيبل (هلڻ جوڳا نه آهن) ڄاڻائي مرج ڪيا ويا آهن۔ ڪلوئي تعلقي جي ڇهن ئي يونين ڪائونسلز کيتلاري, سارهوڙ, ڀٽارو, فانٽ ۽ گرڙا ٻهه جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول احمد ساهڙ, جي پي ايس لالو وهنڌاڻي, جي پي ايس کينهالي اوٺا, جي پي ايس ونگڙ سليمان پاڙو, جي پي ايس ڏنبرلي ساهڙ, جي پي ايس کارسر ساهڙ, جي پي ايس حاجي انڙ,  جي پي ايس ڪنڊارو ابراهيم پاڙو, جي پي ايس ڊاڀي,  جي پي ايس ونگڙ سومراڻي, جي پي ايس ڪنڙو نهڙيا, جي پي ايس پيرج بادلاڻي محله, ڳوٺ ابڙائي پرائمري اسڪول, جي پي ايس کيراڙو جراڙ, گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪمهالو هالا, جي پي ايس امين اوڍر پاڙو ڪلوئي, جي پي ايس صابو اوڍر محله ڪلوئي گورنمينٽ پرائمري اسڪول, ڄام خان لنڊ گورنمينٽ , جي پي ايس موسي لنڊ, جي پي ايس ڄار جو پتڻ, جي پي ايس کاڙڪ, جي پي ايس ڪوٽ ارباب مراد علي, جي پي ايس نيتاوري درس, جي پي ايس سورڪي عامر, جي پي ايس نئون ونگو يونس پاڙو, جي پي ايس ڳوٺ لوح سنجراڻي, جي پي ايس گهيٽو لنڊ, جي پي ايس گڏر ميگهواڙ, جي پي ايس آرڏو لنڊ, جي پي ايس ٻنهوار, جي پي ايس پاٽار, جي پي ايس سومجي ڍاڻي, جي پي ايس هاشم لنڊ, جي پي ايس ڪٽو شاهاڻي, جي پي ايس الهجڙيو لنڊ, جي پي ايس واڳوندر ۽ جي پي ايس راهب ويري سميت تعلقي ۾ ڪلوئي ۾ هن مهل هڪ سئو ويهه کان مٿي پرائمري اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي۔ . يونين ڪائونسل سارهوڙ جي 60 اسڪولن مان 47 اسڪولن کي تالا لڳل آهن.۔ ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي تعليم کاتي مٺي ضلعي جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته تعلقي ڪلوئي ۾ ٽوٽل 348 پرائمري اسڪول آهن جن مان صرف 254 اسڪول هلندڙ آهن جڏهن ته هن وقت 96 اسڪول مڪمل طور بند ٿي چڪا آهن.۔ ٻئي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته تعلقه ايجوڪيشن آفيسر يوسي سارهوڙ جي ڪيترن ئي بند پيل پرائمري اسڪولن جا سيمس ڪوڊ ڳجهه ڳوه ۾ سياسي بنيادن تي هڪ چونڊيل نمائندي جي ووٽرن جي اسڪولن کي الاٽ ڪري ڇڏيا آهن۔ ذريعن موجب تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سرڪاري پرائمري اسڪولن جي آفيسن, فرنيچر ۽ صفائي سٿرائي جي مد ۾ ايندڙ سالياني بجيٽ جا 12 لک رپيا ڪڍرائي هڙپ ڪري ڇڏيا آهن. ڪلوئي برانچ مڊل ۽ پرائمري گورنمينٽ محمد خان لنڊ جي اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي لڳ ڀڳ اٺ سؤ شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن صرف اسڪول کي ست ڪمرا ڏنل آهن استادن جي سخت کوٽ آهي ڇھه استاد مقرر ٿيل آهن اسڪول ۾ فرنيچر سميت پئيڻ جي پاڻي جي به سھولتن کان وانجهيل آهن اسڪول جي باني محمد خان لنڊ ٻڌايو آهي اسڪول ۾ ڪمرن سميت استادن جي کوٽ ۽ فرنيچر پئيڻ جو پاڻي جي سھولت ناھن ذاتي خرچ تي اسڪول اندر ڇپراء ٺاھي انھن اندر ٻارڙن کي تعليم ڏني ويندي آهي سخت گرمي ھجي يا بارش يا سخت سردي ھجي شاگرد ڇپراء ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آھن اسڪول۾سھولتون ڏنيون وڃن .

پرائمري اسڪول گيان ميگهواڙ جي 161 ٻارن لاءِ صرف هڪ استاد

ڪلوئي: گورنمينٽ پرائمري اسڪول گيان ميگهواڙ پاڙو ڪلوئي ۾ 161 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن پر اسڪول ۾ صرف هڪ ئي ماستر مقرر ٿيل آهي۔ گيان پاڙو ڪلوئي جي رهواسين ايسرداس ميگهواڙ, تلوڪ ميگهواڙ, سانوڻ ميگهواڙ, شنڪرلال ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي پاڙي جي اسڪول ۾ 150 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن پر ايترن ٻارن کي تعليم ڏيڻ لا۽ صرف هڪ استاد رکيل آهي جيڪو پهرئين درجي کان پنجين درجي تائين سمورن ٻارن کي پڙهائي رهيو آهي۔ ٻئي طرف ڪلوئي تعلقي جي ٻهراڙين تي نظر وجهجي ته هڪ ئي اسڪول ۾ 8 يا 10ٻار به مشڪل سان هوندا اتي گهٽ ۾ گهٽ ٻه استاد مقرر ٿيل آهن.

اسڪول بند هجڻ سبب 10 هزار ٻار تعليم کان محروم آهن: نوجوان اتحاد

ڪلوئي: تعلقي ڪلوئي ۾ تعليم جي سڌاري جو نعرو هڻي احتجاج جو سلسلو شروع ڪندڙ تنظيم ڪلوئي نوجوان اتحاد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته تعلقي ڪلوئي ۾ هن وقت 150 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند آهن جڏهن ته اسڪول بند هجڻ سبب تعلقي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن۔ هنن ٻڌايو ته اسڪولن کي سالن کان تالا لڳل تالا آهن تعليم جي سڌاري لا۽ ڪير به ڌيان ڏيڻ لا۽ تيار ناهي۔ اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪريون ٿا ته ڪلوئي تعلقي ۾ بند پيل اسڪول کولرائي شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي.

 

ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون زبون، سهولتن جي کوٽ

ڪلوئي: تعلقي ڪلوئي جي ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون ڀڄي ڀري پيون آهن ۽ ڪيترن ئي اسڪول عمارتن جي حالت خطري واري آهي, جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن کي سالن کان عمارتون نه ملي سگهيون آهن, سوين شاگرد ۽ استاد سهولتن جي اڻهوند سبب مشڪلاتن جو شڪار آهن۔ ان سلسلي ۾  تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ عزيز آباد جو پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهي اسڪول بنا عمارت جي هڪ جهونپڙي م هلايو پيو وڃي۔.

ٻئي طرف يوسي ڪلوئي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام محمد کوسو جي بلڊنگ ۾ 2011 جي مھا ٻوڏ کانپو۽ ڏار پئجي ويا آهن جڏهن ته تازين برساتن کان پوء خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آھي۔ ڪيترائي ڀيرا اعلي آفيسرن کي درخواستون ڏيڻ باوجود ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي۔ هوڏانهن ڳوٺ عزيز آباد جي رهواسين صحافين کي آگاهي ڏني ته ٿرپارڪر  جي تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ عزيز آباد جو پرائمري اسڪول  گذريل ڪيترن ئي سالن کان بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي۔ ڳوٺ جا  60 کان وڌيڪ معصوم ٻار بغير بلڊنگ ۽ فرنيچر جي پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن۔ رهواسين موجب اسان دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ٿرپارڪر جي چونڊيل نمائندن ۽ تعليمي کاتي جي اعلي آفيسرن سميت ڪوبه اختيار ڌڻي هيڏانهن هن اسڪول جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ لا۽ تيار ناهي۔ هنن سرڪار کي اپيل ڪئي آهي ته سندن ڳوٺ جي اسڪول کي عمارت ڏئي ٻارن جو مستقبل تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.