حڪومت 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڪري: سپريم ڪورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي هڪ مهيني ۾ 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ جي فيصلي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ جي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ملڪ جون سموريون 24 احتساب عدالتون فعال آهن، 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ جو معاملو قانون واري وزارت وٽ آهي.

چيف جسٽس چيو اها ڳالهه ته گذريل ڀيري به ڪئي وئي هئي، اڳڀرائي ڪهڙي ٿي آهي؟

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اٽارني جنرل ان معاملي تي وزيراعظم سان اهم ملاقات ڪري رهيو آهي.

نيب رولز تي اڳڀرائي بابت عدالتي پڇاڻي تي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته مسودو قانون واري وزارت کي موڪليو آهي، معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي.

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته قانون واري وزارت ۾ مستقل سيڪريٽري مقرر ڇو نٿو ڪيو وڃي، ايڊهاڪ ازم جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، مستقل سيڪريٽري قانون جلد مقرر ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ حڪومت کي 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سمورين احتساب عدالتن کي روز جي بنياد تي ڪرپشن ڪيس ٻڌڻ ۽ ڪنهن ڪيس ۾ غير ضروري دير نه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

عدالت حڪم ڏنو ته نيب فريادي سمورن شاهدن جي موجودگي کي يقيني بڻائن، نيب چيئرمين ڪيسن جي ٽرائل ۾ دير جي ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪن.

ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.