زمبابوي پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ايلٽن چمگبورا چيو آهي ته 2015 ۾ جڏهن ٽيم سان گڏ پاڪستان آيو هيس ته خوف ٿي رهيو هو پر هاڻ سٺو محسوس ڪري رهيو آهيان.

اسلام آباد ۾ آن لائن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايلٽن چمگبورا چيو ته پاڪستاني ٽيم تمام سٺو کيڏندي آهي پر اسان رڳو کٽڻ جي رٿابندي سان ميدان تي لهنداسين.

هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان لاءِ هر ميچ کٽڻ ضروري آهي، ڇو ته ايندڙ ورلڊ ڪپ ۾ سڌي ريت پهچ حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ زمبابوي جي موسم بلڪل هڪ جهڙي آهي، تنهن ڪري هتي کيڏڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه ايندي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.

ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ون ڊي ميچ 30 آڪٽوبر، ٻي پهرين نومبر، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 3 نومبر تي ٿيندي، سڀ ميچون راولپنڊي ۾ ئي کيڏيون وينديون.

پاڪستان ۽ زمبابوي ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاهور ۾ کيڏي ويندي، جتي پهريون مقابلو 7 نومبر، ٻيو 8 ۽ ٽيون 10 نومبر تي ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.