طالبان جي حملي ۾ 34 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) اتر افغان صوبي تخر ۾ طالبان جي هڪ حملي ۾ 34 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا.

افغانستان جي اختيارين موجب برڪت ضلعي ۾ پيش آيل واقعي ۾ 8 اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن.

هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته تخر صوبي تي قبضي لاءِ طالبان ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ ويڙهه جاري آهي، ان صوبي جي 16 مان 11 ضلعا طالبان جي قبضي ۾ آهن.

ڏکڻ صوبي هلمند ۾ حڪومتي فورسز خلاف ڪارروائي جي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ طالبان جو افغانستان جي اتر ۾ شروع ڪيل اهو هڪ ٻيو آپريشن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.