قاضي احمد ۾ ٽائون ملازمن جي اي سي خلاف بک هڙتال

قاضي احمد (ن ع آ)ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد آڏو پيپلز ايمپلائيز يونين ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد جي اڳواڻن ۽ ٽائون ملازمن طرفان اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد عبدالقدير گجر خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ ملازمن سخت نعريبازي ڪندي سندس ذيادتين خلاف نبي بخش کوسو، زاھد انڙ سرائي، الھرکيو جتوئي، ڄام جمشيد انڙ، نور احمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فائربرگيڊ جي ڪم ڪندڙ عملي کي ملندڙ ھالي ڊيز اورٽائيم جيڪو سڄي سنڌ جي ملازمن کي ڏنو پيو وڃي پر اھو قاضي احمد فائربرگيڊ جي عملي کي نه ٿو ڏنو وڃي. اسان ھڪ مھيني کان وٺي ايڊمنسٽريٽر قاضي احمد کي چوندا پيا اچون ۽ کيس لکت ۾ درخواست پڻ ڏني آھي پر ان باوجود ٽائون ملازمن جا جائز مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن. ھنن حڪومت سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايڊمنسٽريٽر عبدالقدير گجر کي ترت ھٽايو وڃي ۽ ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.