ٽنڊوآدم۾ هٿرادو مهانگائي خلاف شهرين جو احتجاج

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم ۾ هٿرادو مهانگائي خلاف رهواسين جو احتجاج رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي کنڊو روڊ ، اسٽيشن روڊ ۽ ٻين  علائقن جي رهواسين  دڪاندارن پاران هٿرادو مهانگائي ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي سلطان خاصخيلي، علي اصغر ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته کنڊو روڊ ۽ ميونسپل آفيس وراي گهٽيءَ جي ڀاڄين، مرغي ۽ کير وارن هٿرادو مهانگائي ڪري بازار کان 100 کان 200 سيڪڙو تائين وڌيڪ اگھ وصول ڪري رهيا آهن دڪاندارن سرڪاري لسٽون غائب ڪري ڇڏيون آهن ۽ غريب شهرين کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن هنن اختيارين کان قدم کڻڻ جي گهر ڪئي آهي. ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.