پي سي بي يونس خان جي ڪم مان مطمئن، مستقل بنيادن تي ڪوچنگ جي آڇ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اڳوڻي ڪپتان يونس خان کي مستقل بنيادن تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو بورڊ ان سان ڳالهيون ڪيون آهن.

پي سي بي ذريعن موجب بورڊ يونس خان کي مستقل بنيادن تي بيٽنگ ڪوچ جو عهدو سنڀالڻ لاءِ آڇ ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان شروعاتي ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي.

پي سي بي نيوزيلينڊ دوري لاءِ يونس خان سان معاهدي جو خواهشمند آهي ۽ ان جي مقرري جو دارومدار يونس خان جي پنهنجي دستيابي ۽ خواهش تي هوندو.

ذريعن موجب يونس خان پي سي بي جي آڇ تي حتمي جواب ناهي ڏنو پر ڳالهه ٻولهه جو مرحلو جاري آهي.

واضح رهي ته يونس خان کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انگلينڊ جي دوري لاءِ عارضي بنيادن تي بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو هو، ان دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن اڳوڻي ڪپتان جي بيٽنگ ڪوچ طور ڊريسنگ روم ۾ موجودگي کي ساراهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.