آرمي چيف نوٽيس ورتو آهي، جاچ کانپوءِ خبر پئجي ويندي: عمران اسماعيل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪراچي واقعي تي چيو آهي ته ايڏي وڏي ڳالهه نه هئي، پوليس پنهنجي ذميواري پوري ڪري ها.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم سان ملاقات اڳ ئي طئي هئي، منهنجو اسلام آباد وڃڻ ٿرٿلي جي ڳالهه ناهي، گورنر راڄ بابت ڪا ڳالهه ناهي ٿي، وزيراعظم مون کان رپورٽ ورتي آهي ۽ حڪمت عملي طئي ڪندو.

سندس چوڻ هو ته ڪنهن چيو آءِ جي اغوا ٿيو، سيد مراد علي شاهه به اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي، سنڌ حڪومت وفاق تي دٻاءَ جو الزام هڻي رهي آهي، سنڌ پوليس صحيح ڪري يا غلط ذميوار سنڌ حڪومت آهي.

هن چيو ته آرمي چيف به چئي ڇڏيو آهي جاچ ڪئي وڃي، واقعو افسوسناڪ آهي، جاچ جو نتيجو اچي ته ڏسئون ڇا ٿو ٿئي، رپورٽ اچڻ تي خبر پوندي ته ڪنهن جو موقف ٺيڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.