پردي پٺيان ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي جيئن آفيسرن کي حوصلو ملي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪيپٽن صفدر معاملي تي اسان نوٽيس ورتو آهي، ان عمل جي پٺيان موجود ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿئي ته سٺي ڳالهه آهي، ان سان پوليس آفيسرن کي اِهو حوصلو ملندو ته هنن جي مٿان ڪير به دٻاءُ وجهي غير قانوني ڪم نه ڪرائيندو.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته جيڪڏهن آرمي چيف ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي جاچ جو چيو آهي ته يقينن ڪور ڪمانڊر پوليس سان ڳالهيون ڪندو ۽ اسان سان به ۽ هو معاملي کي سمجهندو، گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته هي ڪيس ان ڪري الڳ آهي ڇو ته پي ٽي آءِ جا سمورا صوبائي ۽ وفاقي وزير دٻاءَ وجهندا رهيا ۽ بدتميزي ڪندا رهيا اِهو سڄو ڊرامو هنن پاڻ ٺاهيو آهي.

سعيد غني چيو ته آئون سمجان ٿو ته پي ٽي آءِ جا وزير ۽ صوبائي وزير ان جي پٺيان آهيان، هنن پنهنجي مقصدن لاءِ ادارن کي استعمال ڪيو ۽ اِهو ڊرامو ڪيو، ۽ وري ڪجهه ادارن جي ماڻهن پي ٽي آءِ جو ساٿو ڏنو ان عمل لاءِ.

هن چيو ته جن ماڻهن ايف آءِ آر ڪٽي اُهي ڪير هئا، جيڪي آءِ جي کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا ڪير هئا؟ هڪ وضاحت ڪندو هلان ته ٽوئيٽ ٿيو ته ڪنهن چيو هوندو اِهو غلط آهي پر ان جي تفصيل ناهي، ضرور ان جي پٺيان ڪير آهي، جن پهرين ٽوئيٽ ڪرايو ۽ پوءِ ڊيليٽ ڪرائي ٻيهر وري ڪرايو.

سندس چوڻ هو ته ڪيپٽن صفدر ڪنهن جي چوڻ تي گرفتار ٿيو معاملو اڃان ڳجهارت بڻيل آهي، پي ڊي ايم جلسي بعد اسر ويل برگيڊ ٿاڻي جي پوليس هوٽل جو دروازو  ٽوڙي مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪري کڻي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.