وفاقي حڪومت جو سي پيڪ اٿارٽي لاءِ نئون قانون آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) اٿارٽي جي لاءِ نئون قانون آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ڪابينا جي ليجيسليٽو ڪيسز ڪميٽ  نئين قانون جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي تحت نئين قانون ۾ چيئرمين سي پيڪ اٿارٽي جي اختيارن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

دستاويزن موجب چيف ايگزيڪٽو آفيسر سي پيڪ اٿارٽي جو عهدو ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سي پيڪ اٿارٽي منصوبابندي جي بدران وزير اعظم کي رپورٽ ڪندي.

مليل دستاويزن موجب چيئرمين سميت ٻين آفيسرن کي قومي احتساب بيورو (نيب) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) جي انڪوائري کان ڇوٽ هوندي.

دستاويزن ۾ سي پيڪ اٿارٽي ۾ فيصلي جوڳي ڪردار لاءِ چيئرمين جي ووٽ جو اختيار ختم ڪرڻ ۽ اٿارٽي جو سي پيڪ بزنس ڪونسل قائم ڪرڻ جو اختيار ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.