ريڊيو پاڪستان 749 ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  ريڊيو پاڪستان 749 ملازمن کي عهدي تان فارغ ڪري ڇڏيو.

ريڊيو پاڪستان مان 749 ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ ان جو باضابطا خط ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن ريڊيو پاڪستان ايس ايم رضا عباس طرفان جاري ڪيو ويو آهي.

خط موجب مختلف شعبن سان سلهاڙيل 749 ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي، ڪنٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي ۽ فارغ ڪيل 177 ملازمن جو تعلق نيوز جي شعبي سان آهي جڏهن ته 41 ملازم ٻين شعبن سان تعلق رکن ٿا.

خط موجب ملازمن کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم هر ملازم کي انفرادي طور تي ڏنو ويو آهي، ملازمن کي بنا ڪنهن نوٽيس جي فوري طور فارغ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اُهي ملازم جن جا ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، انهن کي فارغ ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.