ڏهرڪي : دوستي نه رکڻ تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي زال ۽ مڙس کي رتو رت ڪري ڇڏيو

ڏهرڪي جي راجا ڪالوني ۾ دوستي نه رکڻ تان هٿياربند گهر ۾ گهڙي زال۽  مڙس کي رتو رت ڪري ڇڏيو ،ميڊيا آڏو دانهيندي  زخمي ظفر مھر ۽ سندس زال شھزادي مهر جو چوڻ هو  ته هو  پنهنجي گهر ۾ ويٺا هئا ته جوابدار نظام ڪوڀر ، ھزارو ڪوڀر ،ستارو ڪوڀر ۽ ٻين انهن  جي گهر ۾ گهري انهن تي ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن ڪري انهن جا مٿا ڦاٽي پيا آهن ۽ شهزادي جا ڪپڙا ليڙو ليڙ ٿي پيا آهن،  هنن چيو ته جوابدار سندس گهر واري کي دوستي رکڻ  لاءِ فون ڪندا هئا ۽ بليڪ ميل ڪندا هئا،  زخمين ٿاڻي تي پهچي فرياد داخل ڪرائي پوليس کين علاج لاء ليٽر ڏيئي سرڪاري اسپتال  موڪلي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.