سنڌ ۾ او پي ڊي ڇهين ڏينهن به بند، مريضن جو الله واهي

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ  جي مختلف شهرن ۾  گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.  ٺٽي ۾ گرينڊ ھيلٿ الائينس جي سڏ تي صحت کاتي سول اسپتال مڪلي جي ملازمن پاران پنھنجي جائز مطالبن سروس اسٽريڪچر، ٽائم اسڪيل، رسڪ الائونس، رھيل 30 سيڪڙو ھيلٿ پروفيشنل الائونس، ريڪوري ليٽر واپس وٺي، پروموشن سميت جناح اسپتال ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن، پراميڊيڪل اسٽاف، نرسز ۽ ٻئي عملي کي پوليس پاران تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف ڇھين ڏينھن به سول اسپتال مڪلي جي او پي ڊي ۾ 2 ڪلاڪ ٽوڪن ڇڏ ھڙتال ڪئي وئي. ملازم اڳواڻن حاجي اشرف خشڪ، ڊاڪٽر محمود، عبدالڪريم ڀاند، حاجي اسد خشڪ، حاجي ابراھيم سميجو، لياقت عباسي، گڊو خشڪ، معشوق پنھور، شاھنواز خشڪ، ڊاڪٽر ذوالفقار، ڊاڪٽر شيام ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته سندن جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.ڊگهڙي ۾ به ڇهين ڏينهن تعلقي اسپتال ڊگهڙي جي ڊاڪٽرن،پيراميڊيڪل اسٽاف،ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ ٻي عملي پاران او پي ڊيز جي تالابندي ڪري بائيڪاٽ ڪرڻ بعد مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.