سرحد ۾ پوليس هٿان نوجوان جي قتل خلاف احتجاج

سرحد (ن ع آ) ٽي ڏينهن اڳ خانپور مهر پوليس جي هٿان مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان غلام مصطفيٰ عرف مصطو ولد  عبدالسلام سميجو جي وارثن مير مرتضيٰ، غلام رسول، الهڏنو، سڪندر علي، گلشير سميجو، جبار سميجو، رمضان سميجو، محمد صديق سميت ٻين سون جي تعداد ۾ سرحد پوليس اسٽيشن کان سرحد پريس ڪلب سرحد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سرحد ۽ خانپور پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان غلام مصطفيٰ کي ميرپور ماٿيلو باءِ پاس تان ايس ايڇ او خانپور مهر مٺل ککراڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس زبردستي کنڀي ان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ مبينا پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي پوليس وڏيرن جي ونگار وهندي اسان جي نوجوان کي ماريو ويو آهي، وارثن پاران چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهرکان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته خانپور مهر پوليس جي خلاف جانچ ڪرائي ملزمن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.