ڀرياسٽي لڳ همراهه جو گوليون لڳل لاش هٿ

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياسٽي ويجهو  ڳوٺ خدابخش ٻرڙو ڀرسان نصرت ڪينال جي ڪپر تي گوليون لڳل لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي  اطلاع ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو جڏهن ته لاش جي سڃاڻپ ڳوٺ خدابخش ٻرڙو واسي 45 ساله خادم حسين پٽ جواڻ ٻرڙو طور ٿي ان سلسلي ۾ ڀرياروڊ پوليس ٻڌايو ته ڳوٺاڻن جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ  ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو  جڏهن ته مقتول  نوجوان کي پٺي ۽ سيني ۾ پسٽل جون گوليون لڳل هيو.  ان  سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ ڀرياروڊ ايس ايڇ او عبدالله اعواڻ ٻڌايو ته جاچ ڪري رهيا آهيون جلد خون ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو۔ هوڏانهن قتل ٿيل فوتي جي ڀاء عبدالرسول ٻرڙو ٻڌايو ته ڀاء شهر  کان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ اچي رهيو هيو ته ڳوٺ ڀرسان اڻڄاتل  موٽرسائيڪل تي سوار  هٿيار بندن  گوليون هڻي  ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن  هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي انصاف ڪيو وڃي ۽ ڀاءَ جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري کين قانون موجب سزا ڏني وڃي ، جڏهن ته مقتول جو لاش ڊاڪٽرن ۽ پوليس ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو نوجوان جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو ، جڏهن ته گهر ڀاتين کي  بيهوشي  جو دورا..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.