وزير اعظم جي خاص مددگار ثانيه نشتر به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سماجي تحفظ بابت وزير اعظم جي خاص مددگار ۽ احساس پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

خاص مددگار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪري ٻڌايو ته ٽيسٽ مثبت اچڻ کان پوءِ هن پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ورتو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جون علامتون گهٽ ظاهر ٿيون آهن ۽ هوءَ گهر مان ئي ڪم جاري رکندي.

خيال رهي ته ان کان اڳ وفاقي وزير شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد به ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.