نارٿ ناظم آباد ۾ گاڏي تي فائرنگ، اورنگي ٽائون جي اڳوڻي ناظم جي ڌي مارجي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ بورڊ آفس جي ڀرسان اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ اورنگي ٽائون جي اڳوڻي ناظم شيخ فيروز جي نوجوان ڌيءَ مارجي وئي.

پوليس موجب اورنگي ٽائون جي اڳوڻي ناظم جي ڌيءَ بورڊ آفيس مان پنهنجا تعليمي دستاويز حاصل ڪرڻ لاءِ آئي هئي.

اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) راشد علي جو چوڻ هو ته هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن 21 سالن جي فاطمه فيروز جي گاڏي تي ان وقت گوليون وسايون جڏهن هو، سندس ڀيڻ ۽ ٻين ٻن ڇوڪرين جي سامهون موجود هئي ۽ هن کي قتل ڪيو ويو.

پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته فاطمه فيروز ناظم آباد ۾ موجود انٽر ميڊيٽ بورڊ مان تعليمي دستاويز حاصل ڪرڻ لاءِ آئي هئي ۽ ڪار ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ ٻن ٻين ڇوڪرين سان گڏ هئي.

سندس چوڻ هو ته جڏهن هن جي گاڏي بورڊ آفيس مان واپس وڃي رهي هئي ته هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن هن جي گاڏي جو پيڇو ڪيو ۽ عبدالله ڪاليج جي ڀرسان فائرنگ ڪئي.

جوابدارن گاڏي تي فائرنگ ڪئي ۽ واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا جڏهن ته فاطمه فيروز کي سخت زخمي حالت ۾ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي.

ايس ايڇ او راشد علي جو چوڻ هو ته ڇوڪري جي ڪنڌ تي هڪ گولي لڳي هئي.

هن چيو ته مارجي ويل ڇوڪري اورنگي ٽائون جي اڳوڻي ناظم شيخ فيروز بنگالي جي ڌيءَ ۽ پرڻيل هئي پر گذريل ٽن کان 4 سالن کان مڙس سان اختلاف هئا.

ايس ايڇ او واقعي جي پٺيان ڦر جا امڪان رد ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.