سراج الحق جو نواز شريف ۽ وزير اعظم بيانن تي ”ٽُرٿ ڪميشن“ بڻائڻ جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق نواز شريف ۽ وزير اعظم عمران خان جي تازي بيانن تي ”ٽُرٿ ڪميشن اينڊ ريڪنسليشن ڪميشن“ بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته اڳوڻي وزير اعظم ڪيترين ئي حقيقتن تان پردو کنيو جڏهن ته موجوده وزير اعظم ڪنونشن سينٽر اسلام آباد ۾ سلطاني شاهد بڻجي ان جو اقرار ڪيو آهي.

سراج الحق جو چوڻ هو ته اڳوڻي وزير اعظم ۽ موجوده وزير اعظم جي ڳالهين ۾ ذرو به فرق نه هو.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ لاءِ ”ٽرٿُ اينڊ ريڪنسليشن ڪميشن“ (سچائي ۽ مصالحتي ڪميشن) قائم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.