آرمي چيف سان برطانيا جي چيف آف ڊيفنس اسٽاف جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان برطانيا جي چيف آف ڊيفنس اسٽار جنرل سر نڪولس پيٽرڪ ڪارٽر ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ٻطرفي سيڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته برطانوي چيف آف ڊيفنس اسٽاف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي پاڪستان جي ڪوششن، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين کي به قبول ڪيو.

ان کان اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان سوئٽزر لينڊ جي سفير به ملاقات ڪئي.

سوئس سفير خطي ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪاوشن کي به ساراهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.