سنڌ جي دانهن ٻڌو

ننڍي کنڊ  ۾ 1857ع واري انگريز خلاف جاري ٿيل بغاوت وڃي 1947ع ۾ پنهنجي انت تي پهتي جڏهن پاڪستان جو اعلان هڪ وفاقي ملڪ جي حيثيت ۾ ٿيو ۽ دنيا جي نقشي تي پاڪستان هڪ اهڙي ملڪ جي صورت ۾ اڀري آيو جيڪو ان وقت جي بنگال، ۽ ورهاڱي جي صورت ۾ پيدا ٿيل باقي پنجاب، پنهنجي تهذيبي علائقن کان محروم ٿي باقي بچيل سنڌ، پختون علائقه ۽ بعد ۾ بلوچ علائقن کي شامل ڪيو ويو، مجموعي طور تي پنهنجي قيام جي ڏهاڪي بعد پاڪستان (بنگال، سنڌ، بلوچستان، سرحد ( هاڻوڪو خيبر پختون خواهه ۽ پنجاب) جي صورت ۾ پنجن علائقن جي حيثيت ۾ وفاقي ملڪ طور اڀري آيو ۽ دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرائي.

پاڪستان جي هڪ وفاقي ملڪ طور قائم ٿيندڙ سمورن دستاويزن ، عهدن، اقرارن، قراردان ۽ معاهدن ۾ اهي ئي ڳالهيون هيون ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ هوندو جنهن ۾ شامل سمورن ايڪن جو جاگرافيائي ۽ تهذيبي تحفظ ڪيو ويندو، سمورن علائقن جو عوام پنهنجي وطن جي وسيلن جو مالڪ هوندو ۽ پنهنجي تهذيبي ۽ تمندني قدرن جي آڌار تي زندگي گذارڻ ۾ آزاد هوندو ۽ ڪا هڪ وحدت ٻئي وحدت لاءِ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪندي ۽ نه ئي زيادتي ڪندي، هر وحدت پنهنجي جاگرافيائي ايڪي منجهه سياسي طور تي خودمختيار هوندي.

پاڪستان جي قيام بعد خاص ڪري سنڌ جي حوالي سان اهڙيون پاليسيون سامهون آينديون ويون جن اهو ثابت پئي ڪيو ته جهڙوڪر پاڪستان جي قيام  لاءِ جيڪا جدوجهد ٿي هُئي ان جو هڪڙو مقصد سنڌ کي فتح ڪرڻ به هيو، ان وقت کان ئي پاڪستان جي حڪمرانن سنڌ کي فتح ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو جيڪو اڄ تائين جاري آهي، هاڻي ته اهڙي سوچ ۾ ڪٽر پڻو، پاليسين ۾ سختي ۽ سنڌ سان عداوت ۾ واڌ ايندي وئي آهي، موجوده تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ته اهڙين سمورين پاليسين جي حد ٿي وئي آهي جو پاڪستان جي وزيراعظم کلي عام اهڙي قسم جا ڪيئي عمل ۽ اعلان ڪيا جيڪي سراسر سنڌ ۽ سنڌي دشمنيءَ تي مبني رهيا آهن، پاڪستان جي آئين جي خلاف ۽ وفاق جي استحڪام جي مخالف رهيا آهن، هن وقت سنڌ ۽ سنڌين کي ديوار سان لڳايو ويو آهي ۽ اهڙين حالتن کان به بدتر حالتون پيدا ڪيون وين آهن جيڪي بنگلاديش جي قيام کان اڳ بنگال جي ماڻهن لاءِ پيدا ڪيون وين هيون، جن جو نتيجو تاريخ ۾ انتهائي بدترين نڪتو ۽ ان جا منفي اثر اڃان تائين جاري آهن. سنڌ بلاشڪ پاڪستان جي قيام لاءِ هڪ ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته پاڪستان جي قيام بعد اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌي عوام کي وڌ کان وڌ نقصان پهتو آهي.

گذريل ستر سالن کي سنڌ کي سماج جي ٻين شعبن ۽ کاتن ۾ ڪيترائي نقصان ڏنا ويا آهن، پر خاص ڪري سنڌين کي پهتل نقصانن سنڌ جي زمينن تي قبضا ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ سنڌين جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن خلاف سموري سنڌ گذريل ستر سالن کان مزاحمت ڪندي رهي آهي پر انهن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪوبه نه آهي، گذريل ڏينهن ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن جو سنڌ جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل تي خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار ٿي گذريو جنهن ۾ خطاب ڪندڙ سمورن مقررين تقريبن سنڌين جي مستقبل کي اونداهون قرار ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن سنڌ طرف ڌارين جي آبادي ڪاري نه روڪي وئي ته پڪ سان سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ريڊ انڊين ۾ تبديل ٿي ويندا، سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ترقي سنڌين جي تباهيءَ جي مترادف آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ هر اهڙي تحريڪ سامهون مزاحمت ڪئي وڃي، مقررن جو اهو چوڻ ته سنڌ اڇن انگريزن مان ڦري ڪارن انگريزن جي غلاميءَ جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ مجموعي طور تي سنڌ جي غلاميءَ جي دور جو آغاز 1948ع يعني پاڪستان جي قيام بعد شروع ٿئي ٿو.

سوال هي آهي ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن ۾ هر ايڪي جو هر طرح جو تحفظ رياست جي ذميواري هُئي ۽ اهڙين ذميوارين جو ذڪر بعد ۾ آئين ۾ پڻ ڪيو ويو آهي، پر تنهن هوندي به جڏهن سنڌ خلاف ڪا سازش ڪئي وڃي ٿي ته ان لاءِ به آئين جو حوالو پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ جڏهن سنڌ پنهنجي حقن جي ڳالهه ٿي ته ان جي حقن کي رد ڪري وفاقي جي مفادن جي ڳالهه به آئين جي شقن مان ثابت ڪئي وڃي ٿي، اهڙين ٻنهي صورتن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام گم ٿي وڃي ٿو، سنڌ جيڪا گذريل ستر سالن کي فتح ڪئي پئي وڃي ۽ اڄ تائين فتح ٿي رهي آهي، سنڌين جي پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ مزاحمت جي تاريخ پاڪستان جي قيام کان اڳ جي آهي، پر گذريل ستر سال به سنڌي عوام پنهنجي وطن ۽ وسلين جي بچاءَ ۽ دفاع لاءِ مزاحمت ڪندي ئي گذاريا آهن اهو سبب آهي پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سنڌي قوم جو ذڪر انتهائي احترام سان هڪ مزاحمت ڪار قوم جي حيثيت ۾ کنيو وڃي ٿو.

گذريل ڏينهن سنڌ جي ساڃاهه وندن سنڌ ۽ سنڌي عوام خلاف ٿيل تاريخي زيادتين، ظالمن ۽ سازشن جو جيڪو ذڪر ڪيو ۽ انهن جي خاتمي لاءِ ملڪ جي اقتدار ڏڻين کان جيڪي مطالبا ڪيا ويا آهن، اسين انهن جي ڀرپور نموني حمايت ڪندي وفاقي جي سگهارين اختيارين کي رڳو ايترو ئي چونداسين ته هي ملڪ ۽ هن ملڪ جو وفاق صوبن جي خودمختيار، خوشحال ۽ ترقي يافته ٿيڻ سان ئي آهي، وفاقي ايڪن سان انصاف ۾ ئي مبني آهي تنهنڪري ضروري آهي ته سمورن صوبن خاص ڪري سنڌ جي دانهن ٻڌي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.