مرتضيٰ سولنگي، يوٽيوب چينل ۽ سوال

مرتضيٰ سولنگي مون کي ڏاڍو عزيز آهي. زندگي جا ڪيترائيءَ سال همراهه ريڊيو ذريعي عوام سان رابطي جو هنر سکڻ جي نذر ڪيا آهن.  وائس آف آمريڪا  لاءِ واشنگٽن ۾ رهندي پنهنجي صلاحيتن کي نکاريو. محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش هئي ته هو پاڪستان موٽي اچي. هو ان جهان ۾ نه رهي پر آصف علي زرداري کي ان جي خواهش ياد رهي. 2008ع جي چونڊن کانپوءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿي ته ان کي ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. ديوانن جيان مرتضيٰ ريڊيو پاڪستان کي موجود دوره جي معيار موجب بڻائڻ جي لڳاءَ ۾ رهيو، پر سڌ سماءُ واري وزارت جو  بابو  Status Quo  برقرار رکڻ ۾ ئي عافيت محسوس ڪندو رهيو. نيب هٿان تازو ڪجھه سرڪاري آفيسرن سان جيڪو ڪجھه ٿيو آهي ان کي ذهن ۾ رکندي ان رويي کي منهنجي سمجھه ۾ پڪو جواز به ملي ويو آهي.

مرتضيٰ سولنگي جهڙا ديوانا  آهستي آهستي  رهڻ جا عادي ناهن هوندا.  ڪيترائي ڀيرا ڪاوڙجي پنهنجي عهدي تان استيعفيٰ لکي وڌي هئائين. هڪ ڀيري آصف علي زرداريءَ مون کي به ان کي  ٿڌو  ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو هو. ريڊيو پاڪستان مان واندو ٿيڻ کانپوءِ مرتضيٰ سولنگي ڪيترن ئي ٽي وي چينلن لاءِ ڪم ڪيو. 2018ع جي چونڊن جي ڪري آخرڪار پاڪستان ۾  تبديلي  اچي وئي. تحريڪ انصاف جي پهرئين اطلاعات واري وزير فواد چوڌري صاحب جي نگاههِ دوربين پنهنجو عهدو سنڀاليندي ئي ٽي وي ادارن کي سمجھائڻ شروع ڪري ڇڏيو ته انهن جو  بزنس ماڊل  فرسوده ٿي چڪو آهي. ان ۾  انقلابي  تبديليون آڻڻ ضروري آهي. چوڌري صاحب جي سمجھداريءَ کي نظر انداز ڪرڻ ممڪن نه هو. جيتوڻيڪ وطن عزيز ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي صحافتي ادارا پاڪستان قائم ٿيڻ کان ڪجھه سال اڳ جا آهن جيڪي نه رڳو پنهنجو وجود برقرار رکيو ويٺا هئا پر روايتي ميڊيا کي به سالن جي لڳاءُ سان جديد تر ۽ رونق ڀريو بڻائي ڇڏيو هو. بهرحال فواد چوڌري صاحب جو تجويز ڪيل  بزنس ماڊل  استعمال ۾ آندو ويو ته خبر پئي ته سوين صحافي پنهنجي ادارن تي  مالي بار  آهن. ڪجهه اينڪر حضرات ان ڏس ۾ واضح ترين رهيا. عجيب اتفاق اهو به ٿيو جو اهي اينڪر حضرات موجوده دور جي ديده ور جي قيادت ۾ آندل  تبديليءَ بابت تمام خوش به نظر نه ٿي آيا. ٽي وي چينلن کي پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ انهن کي فارغ ڪرڻو پيو. مرتضيٰ سولنگي به ٽي وي ادارن لاءِ اهڙو ئي  ٻوجھه ثابت ٿيو جنهن کي ٻيڙي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ دريا برد ڪرڻو پوندو آهي، پر هو دريا برد نه ٿيو. يو ٽيوب ذريعي پنهنجي ڳالهه ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. هڪ ٽي وي چينل تي  مالياتي ٻوجھه  هوندي دريا برد آئون به ٿيو هئس، پر منٽوءَ جيان  ڀر واري گهٽيءَ  مان پرنٽ ميڊيا ۾ موٽي آيس. غالب آئينو ڏسڻ کان گھٻرائيندو هو ڇو جو پاڻ کي  مردم گزيده  سمجهندو هو. آئون به يوٽيوب جي استعمال کان گھٻرائيندو آهيان. فڪر رهندو آهي ته پنهنجي  سبز قدم  سان ڪٿي ان جو  بزنس ماڊل  به ناڪام ثابت نه ڪري وجهان.

اسڪرين کان منهنجي ڏُوري منهنجي ڪيترن ئي مهربان دوستن کي ڏاڍو پريشان رکندي آهي. سندن خواهش آهي ته گھٽ ۾ گھٽ يوٽيوب ذريعي ئي اسڪرين تي ظاهر ٿي ماڻهن سان ڳالهه ٻول جاري رکان، پر دل ان ڏانهن مائل ٿيڻ لاءِ راضي ناهي. آچر جي شام مرتضيٰ سولنگيءَ مون کي فون ڪيو. ان خواهش جي اظهار سان ته  تاريخ  بيان ڪرڻ لاءِ 12 آڪٽوبر واري ڏينهن ان سان يو ٽيوب تي ڳالهه ٻولهه ڪريان. مرتضيٰ جي حڪم عدولي مون لاءِ ممڪن ناهي. مَن ڪڙو ڪري به پنهنجي ضد تي ڄميل رهيس. اها ڳالهه البته ذهن ۾ ويهي وئي ته سومر جي صبح اٿي 12 آڪٽوبر 1999جي باري ۾ ڪجھه لکڻو آهي. ڄاڻايل فيصلي کي ذهن ۾ رکندي قلم کنيم ته هڪ ڀيرو وري اهو سوال ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳو جيڪو ڪيترائي ڀيرا هن ڪالم ۾ اٿاري چڪو آهيان. اهو سوال جيڪو 12 آڪٽوبر 1999ع جي شام کان منهنجي ذهن ۾ اٽڪيل آهي. ان جو اڄ تائين تسليءَ  جوڳو جواب ناهي مليو.

سوال اهو آهي ته جنرل مشرف کي آرمي چيف جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ نواز شريف ان ڏينهن جي ئي چونڊ ڇو ڪئي؟ مشرف ان ڏينهن پاڪستان ۾ موجود نه هو. سري لنڪا ويل هو. ان جي واپسيءَ جو انتظار ٿي پئي سگھيو. نواز شريف ۽ جنرل مشرف وچ ۾ معاملا ته ڪارگِل جنگ جي ڏينهن ۾ ئي بگڙڻ شروع ٿي ويا هئا.  اڳوڻي وزيراعظم جي دعويٰ رهي ته کيس ان  ايڊونچر  بابت بي خبر رکيو ويو هو. ٻئي پاسي هميشه کان اصرار ٿيو ته ڪارگل جي پهاڙين تي اڳرائي کان اڳ ان وقت جي وزيراعظم کي راولپنڊي جي اوجڙي ڪيمپ ۾ ٿيل اجلاس ۾ باقاعدي  بريف  ڪيو ويو هو. اها دعويٰ به آهي ته مبينا بريفنگ کانپوءِ نواز شريف صاحب  آپريشن ڪارگل  لاءِ خير جي دعا به گھري هئي. حقيقتون ڪجھه به رهيون هجن، مون ۽ توهان جهڙن عام پاڪستانين کي مئي 1999 ۾ پيغام اهو ملڻ شروع ٿي ويو ته ڪارگل جي چوٽين تي گھربل نتيجا حاصل نه ٿي رهيا آهن. ان جي ڪري پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ  وسيع تر جنگ  روڪڻ جي تياري به شروع ٿي وئي.

ان ڏس ۾ سرتاج عزيز صاحب کي پرڏيهي وزير طور 11 جون 1999ع جي ڏينهن نئين دهلي وڃڻو پيو. آئون صحافين جي ان وفد ۾ شامل هئس جيڪو ان سان گڏ ويو هو. سرتاج عزيز صاحب جو اهو دورو هر حوالي سان  ناڪام  رهيو. ڀارت مان موٽيو ته هن لاهور جي گورنر هائوس ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پنهنجي ناڪامي جو داستان بيان ڪيو. اهو اجلاس نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو هو. سرتاج صاحب پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ته انهن ڏينهن جي نيوي ۽ ايئرفورس جي سربراهن به ڪارگل آپريشن تي کوڙ سارا سوال اٿاري ڇڏيا. پرويز مشرف انهن کي مطمئن ڪري نه سگھيو. اصولي طور تي نواز شريف کي ان اجلاس دوران ئي مشرف کان استعيفيٰ وٺي ڇڏڻ گھربي هئي، پر هن ان کان پاسو ڪرڻ کان ڪم ورتو، آخرڪار 4 جولاءِ 1999ع جي ڏينهن آمريڪي صدر سان ان جي ملڪ ۾ آزاديءَ جي ڏينهن ملڻ هليو ويو. سعودي ڪوششن سان ٿيل ان ملاقات جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وسيع تر جنگ  جيڪا  ايٽمي  به ٿي پئي سگھي ظاهري طور ٽري وئي، پر پاڪستانين جي اڪثريت اهو سوچڻ تي مجبور ٿي وئي ته نواز شريف ڪارگل جي پهاڙين تي  کٽيل جنگ  صدر ڪلنٽن سان ڳالهين دوران  هارائي  ڇڏي! ڄاڻايل تاثر کي هٿي ملڻ کانپوءِ نواز شريف کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ جو معاملو ڀِت تي لکيل نظر اچي ويو هو. شهباز شريف ۽ چوڌري نثار علي خان جيتوڻيڪ  سڀ ٺيڪ  جو تاثر ڏيندا رهيا.

ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ جي گيلريءَ ۾ ويٺي مون ڄاڻي ورتو ته لاهور مان ئي اڀريل ۽ شريف خاندان جو پراڻو دوست ميان اظهر نواز شريف جي نالي واري مسلم ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبرن ۾  اچتو  ڏاڍو مقبول ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. هو ايوان ۾ داخل ٿيندو هو ته ان جي چوڌاري اهي ميمبر مريدن جيان ميڙ جي صورت ۾ گڏ ٿي ويندا هئا. منهنجي وسوسن سان ڀريل دل کي شڪ ٿيو ته  ان هائوس  تبديليءَ جي تياري ٿي رهي آهي. ان شڪ کي مون هڪ انگريزي اخبار جي لاءِ لکيل  پريس گيلريءَ  ۾ بيان ڪري ڇڏيو. اهو ڪالم ڇپيو ته ميان اظهر مون سان رابطي جي ڪوشش ڪئي. آخرڪار قومي اسيمبليءَ جي راهداري ۾ ساڻس ملاقات ٿي وئي. مون کي ڏسندي ئي هو هڪ ڪنڊ ۾ وٺي ويو ۽ سرگوشيءَ ۾ آگاهه ڪيو ته  ميان شريف منهنجي پيءُ جيان آهي . اهو  اطلاع  ڏيڻ کانپوءِ هن انڪشاف ڪيو ته نواز شريف جي والد مرحوم کي منهنجو ڪالم ڏيکاريو ويو هو. ميان اظهر کيس ڄاڻايل ڪالم جي ڪري  ڏک  ڏيندي نظر آيو. ميان اظهر جي پريشانيءَ کان مون منافقاڻي همدردي جو اظهار ڪيو، ان واعدي سان ته اڳتي ان جي مسلم ليگي ميمبرن ۾ وڌندڙ  مقبوليت  جي باري ۾ ڪجھه نه لکندس، پر هن  آف دي رڪارڊ  مون کي ايترو ته ٻڌائي ڇڏيو ته نواز شريف جا  ڪيترا ڏينهن باقي رهجي ويا آهن .

ميان صاحب کٻي سڄي ڏسي صرف اهو چوندي اڳتي نڪري ويو ته  ٿورڙا ئي ڏينهن رهجي ويا آهن. ميان اظهر ته  آهستي آهستي  ٿي کٻي سڄي ٿي ويو پر مسلم ليگ ن جي پارلياماني اجلاسن ۾ خورشيد محمود قصوري صاحب  شريعت بل  خلاف فرياد مچائڻ شروع ڪري ڏني. ان جي فرياد اهو تاثر پکيڙيو ته مسلم ليگ ن جي صفن ۾  بغاوت  پئجي رهي آهي. اهڙين  بغاوتن  جا  سبب  ٿيندا آهن.  مناسب رابطن  کان سواءِ برپا ناهن ٿيندا. شايد وزيراعظم هوندي نواز شريف کي ان ڏس ۾ اهم قرار ڏنل رابطن جي خبر پئجي وئي. ڪاوڙ ۾ اچي هن 12 آڪٽوبر 1999ع وارو قدم کڻي وڌو، پر اها ڳالهه ان جي کنيل قدمن جي ڪجھه ئي ڪلاڪن بعد طئي ٿي وئي ته ان لاءِ مناسب هوم ورڪ نه ٿيو هو. ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئجي وئي ۽ جنرل مشرف صاحب 12 آڪٽوبر 1999 کان 2008ع تائين اسان جو تمام با اختيار صدر رهيو. نواز شريف جيتوڻيڪ اسان کي اڄ تائين ناهي ٻڌايو ته ظاهري طور هڪ  خودڪش  قدم کڻڻ لاءِ هن 12 آڪٽوبر جي ئي چونڊ ڇو ڪئي. منهنجي سمجھه ۾ اهو فروعي نه هڪ تمام ئي بنيادي سوال آهي. ان جو تسليءَ جوڳو جواب ڄاڻڻ بنا 12 آڪٽوبر 1999ع جي باري ۾ ٿيل ڳالهه ٻول صرف ٻٽاڪ آهي. افواهه آهن. ڏند ڪٿائي تفصيل آهن، پر تاريخ تي بنيادي سوال اٿاريندي ڄاڻ جي تڙپ اسان ۾ موجود ئي ناهي. ان تڙپ کان سواءِ مرتضيٰ سولنگي سان گڏ يوٽيوب تي ڳالهه ٻولهه ڪندي آئون 12 آڪٽوبر 1999ع جي باري ۾ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ئي ڪري ٿي سگھيس. اڄ ڪلهه هونءَ به مون کي اهو سوال بي چين ڪري رهيو آهي ته 20 سيپٽمبر جي ڏينهن اٺن مهينن جي ڊگهي خاموشيءَ کانپوءِ نواز شريف صاحب غداريءَ وارو خطاب ڇو فرمايو؟. سمورين ڪوششن باوجود ان ڏس ۾ به ڪو تسليءَ جوڳو جواب نه ماڻي سگھيو آهيان.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.