ڳڙهي خيرو مسئلن جو شڪار، احتجاج

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران  ,گئس پريشر, نادرا آفيس, ڊگري ڪاليج, واٽر سپلاء جي  پاڻي ۽ ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ جبار سنڌي, صدر گل مصطفي’ جمالي, نائب صدر صدر اشرف علي پنھور، جاويد جمالي, ھاري تحريڪ صدر نياز علي عمراڻي جي اڳواڻي ۾ مسئلن جي حل لاء احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو, مظاھرين پاران گئس پريشر, ڊگري ڪاليج, نادرا آفيس, واٽر سپلاء ناھي "ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا” ڳولي ڏيو ڳولي ڏيو ايم پي اي ايم اين اي”  ڳولي ڏيو جا زوردار نعرا لڳايا ويا, مظاھري ۾ وڏي تعداد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي عھديدران ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي, مظاھرين پاران پنج گلي چوڪ  تي ڌرڻو ھڻي سنڌ بلوچستان ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو, روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي, ان موقعي تي خطاب ڪندي, قومي عوامي تحريڪ جي قائم مقام صدر اشرف علي پنھور،  سنڌ ھاري ڪاميٽي جي صدر نياز علي عمراڻي, عبدالباسط بروھي، جاويد جمالي ۽ ٻين چيو ته ڳڙھي خيرو مان ڪاميابي ماڻيندڙ چونڊيل نمائندا ڳڙھي خيرو جي عوام کي وساري ڇڏيو آھي, اسان جي تحريڪ کي ھڪ سال گذري چڪو آھي, مگر ھن وقت تائين چونڊيل نمائندا  نه پھتا آھن, اسان جي تحريڪ شھر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ تائين جاري رھندي, اسان جي قومي عوامي تحريڪ مسئلن جي حل لاء ھن وقت سڄاڳ ٿي چڪي آھي, چونڊيل نمائندا ڳڙھي خيرو جي عوام کي وساري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.