”سيتا ۾ پبلڪ لائبريري قائم ڪريو“ ڪي اين شاهه ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو

خيرپور ناٿن شاھه (رپورٽ: سيد اطهر بخاري) خيرپورناٿن شاه ۾ سيتا سرجڻھار فورم ۽ اسٽوڊنٽس ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن جي سڏ تي سيتا ۾ پبلڪ لائبريري لاءِ خيرپورناٿن شاهه جي ڪميونٽي سينٽر کان مشھور ميمڻ، فياض کوسو، نياز امر سيتائي، محمد عمر چانڊيو، اسد مشھور ميمڻ ۽ قمرالدين چھواڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ استادن،  شاگردن ۽ سماجي ورڪرن طرفان سيتاروڊ ۾ لائبريري قائم ڪريو´´ جا اڀ ڏاريندڙ نعره هڻندا مين بس اسٽاپ پهچي مک روڊ تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته لائبريريون علم، ادب، فڪر ۽ ڏاهپ جو مرڪز ٿين ٿيون، جتان نوان ماڻھو جنم وٺي سماج کي تبديل ڪرڻ جو بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا هنن وڌيڪ چيو ته دنيا جون سڌريل قومون شاگردن جي تعليمي سُڌاري ۽ ذھني آبياريءَ لاءِ وک وک تي لائبريريون قائم ڪنديون آھن ،هنن چيو ته سنڌ جي ڪروڙين پورهيت عوام جي اولاد کي لائبريرين کان محروم رکيو ويو آھي. هنن وڌيڪ چيو ته اقتدار ۾ ويٺل واڳ ڌڻي ڀوتار لائبريريون قائم ڪرڻ لاء تيار ناهن ، کين ڊپ آھي ته هارين، مزدورن،موچين، ڊکڻن لوهرن ۽ هر قسم جي پورهيتن جو اولاد علم جھڙي هٿيار سان هٿيار بند ٿي سندن سماجي اڻبرابريءَ تي آڌاريل سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيندو. اڳواڻن چيو ته سيتاروڊ سميت سڄي سنڌ ۾ يونين ڪائونسل ليول تي لائبريريون قائم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.