لاڙڪاڻي جي ٿيٽر ۾ اصلاحي ڊرامو پيش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ناليواري ڊائريڪٽر مرحوم نظير احمد کهاوڙ جي ياد ۾ سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ اديب پروفيسر محمد علي پٺاڻ جي لکيل سماجي ۽ اصلاحي موضوع تي مشتمل اسٽيج ڊرامو “اوڌر جي ماءُ” سينيئر ڊائريڪٽر اعجاز علي چانڊيو جي هدايتڪاري هيٺ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اوپن ايئر ٿئيٽر ۾ پيش ڪيو ويو. ڊرامي ۾ رياض مھيسر، مسرت ناز، اعجاز چانڊيو، لالا انور مغيري، صنم، شوڪت سانگاهه، پيرل ڪرماڻي، اڪبر شيخ ۽ بشير آزاد شيخ پنهنجي پنهنجي ڪردارن سان ڀرپور نڀاءُ ڪري ويٺل ماڻهن کي تاڙيون وڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پيش ڪيل ڊرامي ۾ مک ڪردار پوپٽ خان عرف ست رنگي کي پيش ڪيو ويو جيڪو مختلف ماڻهن کي قرض واپس نه ٿو ڪري پر ھڪ کدڙو خوشبو فقير دُھل وڄائي کيس خوار خراب ڪري ٿو ۽ کيس ماڻهن جي اوڌر واپس ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. خوشبو فقير ڪروڙين ۽ اربين روپيا قرض ڦٻائيندڙ سڀني ماڻهن کي ان ئي نموني سان وائکو ڪري کين خوار ڪرڻ ۽ ورتل قرض واپس ڪرائڻ جو عزم ڪري ٿو ۽ ان نموني سان ملڪي معيشت کي سڌارڻ جو پختو ارادو رکي ٿو. اھڙي ڪردار ۽ عمل کي ڏسندڙن وڏي انگ ۾ ساراھيو ۽ سندس طنزيه توڙي مزاحيه جملن جي ڏي وٺ تي هال ٽھڪن سان گونجي اٿيو. ان موقعي تي مھمان خاص نامياري ليکڪ ۽ ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد سلطان کوسي اعلان ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعي جي ھيڊ ڪواٽرن ۾ “اوڌر جي ماءُ” پيش ڪيو ويو. هن چيو ته ھن ڊرامي ۾ دلچسپيءَ سان گڏ بهترين پيغام سمايل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.