سليڪٽڊ حڪمرانن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو: رئيس غلام سرور

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پاران جناح باغ ڪراچي ۾ عوامي جلسي جي سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ رئيس غلام سرور، رئيس غلام مصطفيٰ جي قيادت ۾ سوين ڪارڪنن تي مشتمل قافلو حب ۽ آسپاس جي آبادين مان ٿيندو جلسي گاهه پهتو،جيالن نعريبازي ڪئي، ان کان اڳ رئيس غلام سرور، رئيس غلام مصطفيٰ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تبديلي سرڪار عوام کي غريب کان غريب تر بڻائي ڇڏيو آهي، عوام مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي، هنن چيو  ته مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو ماڻهو ڀاڄيون به خريد نٿا ڪري سگهن، تبديلي سرڪار جي گهر وڃڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، هنن چيو ته پ پ ئي عوامي پارٽي آهي، ڪراچي واري جلسي مان اندازو ٿيندو ته عوامي پاور ڪنهن کي چوندا آهن، اهو جلسو عوامي ريفرنڊم هوندو، سليڪٽڊ حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.