حيدرآباد ۾ اڳوڻي ايم پي اي راول پهوڙ جو پٽ لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد (رپورٽر)حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي جي ڳوٺ حاجي راول پهوڙ ۾ سابق ايم پي اي حاجي راول پهوڙ جي پٽ ۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ڪونسل ميمبر پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ فقير اقبال پهوڙ جي وڏي ڀاءُ وڏيرو انور پهوڙ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز تدفين اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي پ پ جي اڳوڻي وزير پير امجد حسين شاهه جيلاني، جادم مگريو، سردار صالح راڄڙ، پي ايم ايل اين اڳواڻ غلام شبير ٿيٻو، جمن شاهه بخاري، آصف غفور خانزده، منصور عمر خانزاده، حيدرآباد سي آءِ اي انچارج ڊي ايس پي علي محمد مغل، ڊي ايس پي دوست محمد مڱريو، ڊي ايس پي هوسڙي اسرار بروهي، اڳوڻو جيل سپريڊينٽ شاهه نواز ساند، صحافي برادري عرس خاصخيلي، ڪامران علي کيڙو، جان محمد خاصخيلي، غلام مصطفيٰ ڪاتيار، اسد خانزاده ۽ شاهد لطيف خانزاده سميت ٻين سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته فوتي جي وارثن سان ڳوٺ حاجي راول پهوڙ ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

مٽياري ۾ ميلاد مصطفيٰ آرگنائزيشن طرفان ريلي ڪڍي وئي،سوين عاشقان رسول شريڪ

مٽياري (ت ر) ربيع الاول جو مهينو شروع ٿيندي ئي مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهر سرڪار جي آمد مرحبا جي نعرن سان گونجي اٿيو ميلاد مصطفي آرگنائيزيشن پاران جامع غوثيه طاهريه مدرسي کان پريس ڪلب مٽياري تائين گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن تي مشتمل سرڪار جي آمد مرحبا ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ميلاد مصطفي آرگنائزيشن اڳواڻن حافظ عبدالجبار خاصخيلي، عبدالرزاق ميمڻ، بشير احمد کتري، حافظ غلام نبي خاصخيلي، امجد علي ميمڻ، شبير احمد ملاح ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ربيع الاول جو مهينو برڪتن ڀريو مهينو آهي جنهن ۾ اسان جي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ولادت ٿي آهي هنن چيو ته اسان اڄ کان ريلن ۽ ميلادن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جيڪو سلسلو سڄو مهينو جاري رهندو هنن چيو ته اسان مسلمانن کي هن مهيني ۾ وڌ کان وڌ عبادت ڪرڻ گهرجي جنهن سان الله پاڪ ۽ ان جو رسول راضي ٿين ٿا.

ٿاڻو بولا خان ۾ رٽائرڊ استاد محمد يوسف ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو

ٿاڻوبولاخان ( ن ع آ) ٿاڻوبولاخان جي معزز شخصيت رٽائرڊ استاد وڏيرو محمد يوسف ميمڻ 84 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي اباڻي قبرستان پير باقر شاھ جيلاني ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو سندس تدفين ۾ هتان جي استادن شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ڏوڪري ۾ پ ٽ الف جي چونڊن ۾ علم دوست پئنل سوڀارو

ڏوڪري )ت ر)  ڏوڪري ۾ پ ٽ الف چونڊ ۾ علم دوست پئنل سوڀارو ٿيو آهي نياز ٻگهيو ٻيو ڀيرو پ ٽ الف جو صدر چونڊجي ويو ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڏوڪري ۾ استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي چونڊ ٿي جنهن ۾ حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل پئنل علم دوست پئنل 499 ووٽ کنيا جڏهن ته مخالف ڌر سان لاڳاپيل پئنل استاد دوست پئنل 176 ووٽ حاصل ڪيا 4 ووٽ خارج ڪيا ويا ڏوڪري تعلقي اندر پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي چونڊ عمل پرائمري مين اسڪول ڏوڪري ۾ شروع ٿيو پولنگ صبح 9 کان شام 5 بجه تائين بنا وقفي جي جاري رهيو جڏھن ته استادن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جڏھن ته چونڊ عمل ۾ ٻه پئنل ميدان ۾ هيا علم دوست پئنل جو صدارتي اميدوار نياز حسين ٻگهيو ۽ جنرل سيڪريٽري لاء اميدوار مقصود منگي هيا ۽ استاد دوست پئنل جو صدارتي اميدوار ضمير حسين ڀٽي ۽ جنرل سيڪريٽري لاء اسلام الدين جوڻيجو آمھون سامھون ھيا پ ٽ الف جي چونڊ ۾  ٽوٽل( 716) رجسٽرڊ ووٽ داخل ٿيل هيا جڏھن ته ڏوڪري تعلقي ۾ استادن ووٽ جو صحيح حق استعمال ڪيو.

جنھن ۾ ( 550 ميل) ۽ ( 166 فيميل) ٽيچرز صبح سوير پولنگ اسٽيشن پرائمري اسڪول ڏوڪري پھچي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جڏھن ته پولنگ عمل دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاء تعلقي ڏوڪري جي 6 ٿاڻن جي پوليس نفري پڻ گهرائي وئي هئي.

ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو پ پ پي ايس 127 طرفان شاندار استقبالي ڪئمپ، قافلن جي ڀرپور آجيان

کوکراپار (ن ع آ) پيپلز پارٽي پي ايس 127 پاران ايئرپورٽ ويجھو شاھراھه فيصل چھوٽا گيٽ تي مرڪزي ڪيمپ لڳائي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ قافلن جي شاندار آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي پ پ اڳواڻ آغا ڪريم خان چيو ته ڪار ساز سانعي جي شھيدن کي خراج تعسين پيش ڪرڻ ۽ حقيقي جمھوريت جي بحالي ۽ سليڪٽيڊحڪمرانن جي خاتمي لاءِ اڄوڪو جلسو اھم ڪردار ادا ڪندو ۽ چور دروازي مان اقتدار ۾ ايندڙن ما عوام کي ڇوٽڪارو ڏياري بک بيروزگاري مهانگائي مان نجات ڏياريندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.