نئون ڪوٽ کان پنگريو روڊ زبون حال، حادثا معمول

نئون ڪوٽ(ن ع آ) نئون ڪوٽ کان پنگريو روڊ زبون حال بڻيل، عوام پريشان ڪيترن سالن کان نئون ڪوٽ کان ويندڙ پنگريو روڊ جي ڪابه مرمت نه ٿي سگهي ۽ روڊ مڪمل تباھه انتظاميا جي ڪن تي جونء به نه چري، برساتن ۽ ايل بي او ڊي کي لڳل گهارن سبب ڪيترائي ڏينهن روڊ تي پاڻي اور ٽاپ ٿيڻ سبب روڊ مڪمل تباھ ٿي چڪو آھي ڳوٺ ٻڍو خان چانڊيو ڳوٺ صوڀو خان چانڊيو ڳوٺ يوسف خان چانڊيو ڳوٺ رحيم خان نوتڪاڻي جي رواسين کي ۽ ٻين ڪيترين ٻهراڙي جي ننڊن وڏن ڳوٺن کي نئون ڪوٽ شھر سان ملائي ٿو پر انتظاميا اگهور ننڊ  ۾ ستل آھي، رواسين  جو چوڻ آھي ته منٽن جو سفر آهي پر شھر پڄڻ ۾ ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا ۽ ايل بي او ڊي سم نالي کي جڏهن گهارا لڳا هئا ته چونڊيل نمائندا به هن روڊ جي حالت پاڻ  اکين سان ڏسي ويا هئا اسين سنڌ حڪومت کان هٿ ٻڌي اپيل ٿا ڪيون ته جلد کان جلد ان روڊ جي مرمت ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.