ٽنڊو حيدر ۾ اڳوڻي ايم پي اي راول پهوڙ جو پٽ انور پهوڙ لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊوحيدر(ن ع آ) حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي جي ڳوٺ حاجي راول پهوڙ ۾ اڳوڻي ايم پي اي حاجي راول پهوڙ جو پٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪونسل حيدرآباد جي اڳوڻي ميمبر حر جماعت جي اڳواڻ فقير اقبال پهوڙ جو وڏو ڀاءُ وڏيرو انور پهوڙ دل جو دورو پوڻ جي ڪري لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز تدفين اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير پير امجد حسين شاهه جيلاني سميت ٻين سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته فوتي جي وارثن سان ڳوٺ حاجي راول پهوڙ ۾ تعزيت جو سلسلو جاري.

حيدرآباد مان پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ سون جي تعداد ۾ گاڏين جا قافلا روانا

حيدرآباد(رپورٽر) ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ جيالن جا قافلا حيدرآباد مان روانا ٿيا، جن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين جيالا شامل هئا، قافلن ۾ سون جي تعداد ۾ گاڏيون جلسي لاءِ روانيون ٿيون، قافلن جي اڳواڻي ضلعي صدر صغير قريشي سميت مقامي چونڊيل نمائندن شرجيل انعام ميمڻ، جبار خان، ڄام خان شورو، سيد طارق حسين شاهه ڄاموٽ، ليبر ونگ جو غلام رسول ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.