صدقه انٽرنيشنل فائونڊيشن پاران غريبن ۾ راشن ورهايو ويو

ڏوڪري(ن ع آ) ڏوڪريءَ ۾ ھوم ليس صدقا  انٽرنيشنل فائونڊيشن طرفان ڏوڪري شهر سميت تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ سورهن کان وڌيڪ غريب، مسڪين، لاچار توڙي بي پھچ خاندانن جي عورتن توڙي مردن ۾ کاڌي پيتي لاءِ راشن، ڪپڙا ۽ سلائي مشينون ورھايون ويون. ھوم ليس صدقه انٽرنيشنل فائونڊيشن جي چيئرمين صدر الدين شيخ،حاجي عبد الستار، پروفيسر منظور شيخ،سرفراز احمد،پروفيسر گلاب سومرو، خالد قمر قريشي ۽ ٻين ڏوڪري ۾ غريب مسڪين توڙي بي پھچ عورتن توڙي مردن ۾ راشن ورهايو ويو ۽تعلقي ڏوڪري جي مختلف ڳوٺن سميت سيهڙ وليج ۾ 2010 جي مھا ٻوڏ ۾ سري بند تي دٻجي فوت ٿيل ٻن ڀائرن جي گهر وارن کي سلائي مشينون، ڪپڙا ۽ راشن ڏنو ويو.انهي موقعي تي ھوم ليس صدقه  انٽرنيشنل فائونڊيشن جي چيئرمين جي چيئرمين صدر الدين شيخ چيو فائونڊيشن جو مقصد غريب مسڪين لاچار خاندانن جي مالي مدد ڪرڻ آهي،جنهن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون انهن مسڪين ماڻهن وٽ در تي پهچي مدد ڪئي وڃي.ھن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس جتي دنيا ۾ تباهي مچائي آهي جنهن ڪري سنڌ   به بچي ناهي سگهي پر غريبن جو ووٽ وٺي ايوانن تائين پھتا آهن پر غريب مسڪين ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ به ناهي جو ٻه  ويلي جو بندوبست ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.