ڪڍڻ لڳ سماجي ڪارڪن جو پٽ گرفتار، احتجاج

ڪڍڻ ( ن ع آ )  ڪڍڻ لڳ ڳوٺ علي مراد چانڊيو جي رهواسي شاعر اديب سماجي ڪارڪن محمد قاسم چانڊيو پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته منهنجو پٽ علي گوهر چانڊيو ڪئبين جو سامان وٺڻ لاءِ ڳوٺان چنگچي رڪشا ۾ وڃي رهيو هو ته نندو لواري شريف روڊ تي سنهي گوني جي موري تي ڪڍڻ پوليس لاهي منٿلي گهري، نه ڏيڻ تي تشدد ڪري 50 هزار روڪ رقم کڻي ان کي موبائل ۾ وٺي ڪڍڻ ٿاڻي تي تشدد ڪيو مون چڱن مڙسن سان رابطو ڪيو ۽ آئون ٿاڻي تي ويس ايس ايڇ او کي منٿون ڪيون پر مون کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو ۽ 50 هزار روپيا نه ڏنائين. منهنجي پٽ کي بيگناهه تشدد ڪري سفينا گهٽڪي جو ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. هن چيو ته منهنجو پٽ علي گوهر چانديو ڳوٺ ۾ مزدوري خاطر سارين جو ڪانٽو لڳائي ساريون خريد ڪري شهرن ۾ وڪرو ڪندو آهي، ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.