نوشهري ۾ لائيو اسٽاڪ کاتو بي لاڀ، ڀاڳيا پريشان

نوشهروفيروز (ڊ ر) ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ اسٽور ڪيپر آڏو بيوس بڻيل، سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود سينئر انسپيڪٽر او پي ايس تي ويٺل، سرڪار جي مد ۾ ايندڙ دوائون مالوند ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ پرائيويٽ اسٽورن تي وڪرو، بيمارين سبب وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا، سينئر انسپيڪٽر اينيمل بريڊنگ ۾ هوندي اڪائونٽنٽ جي ملي ڀڳت سان لائيو اسٽاڪ هسبنڊري مان پگهارون کڻڻ لڳو، ضلعي جو موبائل يونٽ جو انچارج 24 سالن اندر ملندڙ دوائن جو مسٽرول به ٺاهي نه سگهيو، يونين جي آڙ ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ پرائيويٽ اسٽور هلائڻ ۾ مصروف. رپورٽ موجب نوشهروفيروز ضلعي اندر لائيو اسٽاڪ اينيمل بريڊنگ ۽ هسبنڊري کاتو مالوند ماڻهن کي ڪو به فائدو نه ڏئي سگهيو آهي ۽ سرڪار جي مد ۾ ملندڙ دوائون به مالوند ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ ڏوڪڙن عيوض پرائيويٽ اسٽور الشفا ۽ عاشيان تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون جنهن ڪري بيمارين سبب وٿاڻ خالي ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. هتان جي سياسي سماجي ڌرين پاران ايف آءِ آي، نيب، اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته غير قانوني معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.