راضيديري ۾ پوليس چوڪي بحال ڪريو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

راضيديرو (ن ع آ ) راضيديرو ۾ پوليس چوڪي بحال نه هئڻ سبب يوٿ فورم راضيديرو جي اڳواڻن قمبر علي سومرو، علي رضا جکڙ، راجا وسيم ڪوري، مير امجد گلال، عمران علي منگي، ارشاد سيال ۽ ٻين پاران هٿن ۾ پمفليٽ کڻي پريس ڪلب راضيديرو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس چوڪي راضيديرو گذريل چار سالن کان بحال نه هئڻ سبب شهر ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، هر آئي رات چور ڪنهن نه ڪنهن شهري جي در تي بيٺا آهن ۽ ڪيترن ئي ۽ شهرين جون چوريون ڪري فرار ٿي چڪا آهن. شهري غير محفوظ بڻيل آهن. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته پوليس چوڪي راضيديرو بحال ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وسيع احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف ايس ايڇ او اڳڙا راضيديرو پهچي پوليس چوڪي جو معائنو ڪيو. بعد ۾ پريس ڪلب راضيديرو ۾ صحافين ۽ سوشل فورم جي اڳواڻن کي يقين ڌياني ڪرائيندي چيو ته بنا دير پوليس چوڪي بحال ڪرايون ٿا ، چوڪي تي پوليس اهلڪار مقرر ڪري شهرين جي مال ۽ رزق جي حفاظت ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.