شادي پلي ۾روڊ اکڙيل، بيلدار گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا

شادي پلي ( ن ع آ ) عمرڪوٽ روڊس کاتي جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب ٽرانسپورٽر  به ڏچي هيٺ آيل آهي، روڊن تي مقرر جمعدار ۽ بيلدار روڊن تي ڪم ڪرڻ بدارن آفيسرن کي رشوت  ڏيڻ سميت سفارشن تي گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳا آهن، جنهن ڪري ٽرانسپورٽرن پاران روڊن تي پرائيويٽ ماڻهون رکيا ويا آهن، جن کي هو پنهنجي جيب مان پگهارون ڏئي روڊن ۾ پيل کڏن ۾ مٽي جي ڀرائي ڪرڻ سميت روڊن جي ڀرپاسي ۾ ٿيندڙ جهنگ وغيره جي صاف صفائي ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته روڊس کاتي جا عملدار سڄي صورتحال کان واقف هئڻ باوجود بي خبر بڻيل آهن، اهڙي صورتحال تي سياسي سماجي اڳواڻن  ايڊوڪيٽ جان محمد، منظور بلوچ ـ گلشير بلوچ ۽ ٻين  چيو ته افسوس جوڳو عمل آهي جو روڊس کاتي جا عملدار هيڏي وڏي ڪرپشن ڪري اگهور ننڊ ۾ ستل آهن، تعمير ڪرائڻ سميت مرمتي ڪم شروع ڪرائي عوام کي وڌيڪ تڪليفن کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.