دادلغاري لڳ نينگري لاعلاج، وارث پريشان

دادلغاري (ن ع آ) ضلع گهوٽڪي اندر بلڊ ڪينسر جو مرض وبائي اختيار ڪري ويو,بلڊ ڪينسر ۾ ڪيترائي ماڻهو مبتلا بڻيل ۽ ڪيترائي ماڻهو لاعلاج بڻجي گهر اندر پيل آھن ڪي غريب هجڻ ڪري علاج ڪرائڻ کان قاصر بڻجي ويا آھن دادلغاري جي ڳوٺ شيرمحمدعلي پتافي ۾  هڪ سال اندر بلڊ ڪينسر سبب چار ماڻهو خير محمد, جاويد, عبدالغني, محبوب علي پتافي زندگي جي جنگ هرائي ويا آھن ۽ ڪيترائي معصوم ٻار توڙي وڏا ماڻهو هن موضي مرض ۾ مبتلا بڻيل آھن جڏهن ته ڳوٺ جادو مهر جي معصوم نينگري اميران ڌي  منظور احمد جيڪا ٻن سالن کان بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ ڪري ٺيڪ نه ٿي سگهي آھي نينگري جي پيءُ منظور احمد پتافي "عوامي آواز”اڳيان پنهنجا لڙڪ لاڙيندي چيو ته بلڊ ڪينسر اسان جي ضلع اندر تيزي ڦيهلجي رهيو آھي ان چيو ته هڪ سال انهي ساڳي مرض ۾ منهنجو ڀائيٽو خيرمحمد پتافي مبتلا هيو جنهن جو علاج لاڙڪاڻي جي اسپتال سکر ۽ ڪراچي مان علاج ڪرايو سين مگر ٺيڪ نه ٿي سگهيو آخر هو بلڊ ڪينسر سان جنگ ڪندي فوت ٿي ويو جنهن بعد ڪجھ مهينن بعد منهنجي 10 سالن جي معصوم نياڻي آميران کي بخار آھيو جنهن جو علاج ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نينگري کي بلڊ ڪينسر آھي ان کي لاهور جي اسپتال کڻي وڃي علاج ڪرايو ان چيو ته مان هڪ سال کان لاهور جي بلڊ ڪينسر جي چلڊرن اسپتال ۾ مسلسل علاج ڪرايو آھي مگر نينگري ٺيڪ نه ٿي آھي نينگري جو پيءُ اکين ۾ لڙڪ ڳاڙهيندي چيو ته هڪ حفتو اڳ چلڊرن اسپتال انتظاميا نينگري جا وائيٽ بلڊ سيل گهٽ هجڻ ڪري اسان کي واپس ڪري ڇڏيو آھي ان چيو ته هاڻي منهنجي معصوم نياڻي گهر اندر تڙپي رهي آھي جنهن کي بخار تيز هجڻ ڪري هو پنهنجي جسم تي هٿ نٿي سهي سگهي مسڪين هجڻ ڪري نينگري کي ڪيڏانهن کڻي نٿو سگهان,معصوم نينگري جي والدين روائي روائي الله ۽ الله جي رسول صه کي پاڏائي رهيا آهن,جنن وس آهر مدد ڪرڻ جي آپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.