پٿوري تعلقي جا روڊ رستا تباهه، انتظاميا ننڊ ستل

شادي پلي  ( ن ع  آ) روڊس کاتي عمرڪوٽ جي نااهلي سبب تعلقي پٿوري سان ملائيندڙ سمورا  مک توڙي لنڪ روڊ مڪمل طور  زبون حال بڻجي ويا، گذريل 10 سالن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود روڊن جي مرمت نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري روڊن ۾ گوڏي جيڏا کڏا پئجي وڃڻ سبب نه رڳو حادثـ روز جو معمول بڻجي ويا آھن پر پبلڪ توڙي   ٽرانسپورٽر وڏين ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا آھن، ٽٽل روڊن تي هلڻ سبب گاڏين جا ٽائر  وقت کان اڳ ۾ ئي ڦاٽي خراب ٿي وڃن ٿا ۽ گاڏين جي مرمت به وقت کان اڳ ۾ ڪرائڻي پوندي آھي ٽٽل روڊن ۽ وڏن کڏن سبب باڊيون ڇڻيو تباه ٿيو وڃن . جڏهن ته چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني ۽ عدم دلچسپي سبب ڊگهو عرصو گذرڻ باوجود ڪنهن به روڊ جي مرمت نه ٿي سگهي آهي، ان سلسلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ ٽرانسپورٽرن "عوامي آواز ” کي ٻڌايو ته اليڪشن بعد تڪ جا چونڊيل نمائندا نظر ئي نه ٿا اچن، سندن بنيادي مسئلو حل ڪري وڌيڪ تڪليفن کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.