ٽنڊو غلام علي پريس ڪلب جو باني حيدر آباد اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊو غلام علي (ن ع آ )پريس ڪلب ٽنڊوغلام علي جو باني اڳواڻ ۽ ضلعي بدين جو سينئر صحافي چاچو حاجي غلام قادر ڳاهو  ڪافي عرصو بيمار رھڻ بعد حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو, مرحوم جي جنازي نماز ۾ شھر جي سياسي سماجي, مذهبي اڳواڻن, صحافين, معزز شهرين ۽ آفيسرن سميت برادري  جي ماڻهن وڏي انگ شرڪت ڪئي, مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو.

سکر جي بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايچ او بدلي

سکر( رپورٽر) ايس ايس پي سکر عرفان سمون عوامي شڪايتن تي سکر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او آفتاب کوسو کي بدلي ڪري پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل انسپيڪٽر ياسر کوسو کي بي سيڪشن ٿاڻي تي ايس ايچ اي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

راڌڻ اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ، احتجاج

راڌڻ (ن ع آ)رورل هيلٿ سينٽر راڌڻ ۾ دوائن جي کوٽ ۽ رات جي وقت ڪنهن ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به ڊاڪٽر ۽ عملو مقرر نه هجڻ خلاف انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم راڌڻ جي صدر نظر علي سولنگي، سڪندر علي منگي، محمد خان سولنگي، ڪليم رضا جويو، فدا حسين عباسي، محمد عرس سومرو ۽ علي حسن سولنگي جي اڳواڻي ۾ سيهواڻي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته سرڪاري اسپتال راڌڻ  ۾ دوائن جي کوٽ سبب راڌڻ ۽ ڀرپاسي جي غريب ڳوٺاڻن کي علاج جي ڪا به سهولت ميسر نه آهي اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي بغير چيڪ ڪرڻ ۽ بغير ٽيسٽن جي ٽڪيون ڏئي روانو ڪيو وڃي ٿو جيڪا سراسر زيادتي آهي مظاهرين اسپتال انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته قديمي ۽ وڏي آبادي رکندڙ راڌڻ شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ رات جي وقت ڪنهن به حادثي جي مريضن کي ابتدائي علاج فراهم ڪرڻ لا۽ ڪو به ڊاڪٽر مقرر نه آهي ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريض رات جي وقت انتهائي پريشانين کي منهن ڏين ٿا اسپتال ۾ سوا۽ چوڪيدار جي ڪو به عملو موجود نه آهي جنهن سبب اڪثر مريض ميهڙ يا لاڙڪاڻي وڃڻ تي مجبور آهن. هنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ صحت جي وزير عذره پيچوهو کي اپيل ڪندي چيو ته راڌڻ جي سرڪاري اسپتال کي جلد کان جلد اپگريڊ ڪري دوائن جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي ۽ رات جي وقت اسپتال ۾ عملي کي ڊيوٽي لاءِ پابند ڪيو وڃي ته جيئن غريب ۽ مسڪينن کي علاج جي سهولت فراهم ٿي سگهي.

ڳڙهي ياسين ۾ قانوندان شاهد حسين سومرو پاران تعزيتون

ڳڙهي ياسين (ن ع آ ) ڳڙهي ياسين شهر ۾ مشهور قانوندان اڳوڻو سول جج شاهد حسين سومرو جو مخلتف برادرين سان تعزيتون ڪيون ، ان موقعي تي مشهور قانوندان اڳوڻو سول جج شاهد حسين سومرو ڳڙهي ياسين شهر پهچي ايڊوڪيٽ منظور گل جکرو سان سندس جي چاچي جي وفات تي تعزيت ڪئي ، ٻئي طرف اڳوڻي پريس ڪلب جي صدر مرحوم امداد علي ککراڻي جي جي وفات تي سندس ڀائرن نصرالله ککراڻي ۽ صحافي امتياز ککراڻي سان تعزيت ڪئي ، ٻئي طرف اڳوڻو سول جج شاهد حسين سومرو ميمڻ ڪليم الله لائبريري جو دورو پڻ ڪيو ، لائبريري جي زبون حال هجڻ تي انتظاميه ۽ ٽائون آفيسر مٿان ڪاوڙ جو اظهار ، لائبريري جي مرمت ڪرائي وڃي.

سجاول ۾ پ ٽ الف جي اليڪشن، استاد دوست پينل ڪامياب

سجاول ( ڊ ر ) سٽي سجاول تي استاد دوست پينل جو اميدوار عمر ميمڻ 66 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي پ ٽ الف سٽي سجاول جو لاڳيتو ٽيون ڀيرو صدر منتخب ٿي ويو آھي جڏھن تہ سندس مقابلي ۾ استاد اتحاد پينل جو نثار احمد ميمڻ 54 ووٽ کڻي 12 ووٽن تان اليڪشن ھارائي ويو.جڏھن تہ تعلقہ سجاول تي ٿيندڙ اليڪشن ۾  قربان ملاح 197 ووٽ کڻي تعلقہ صدر چونڊجي ويو ۽ سندس مقابلي ۾ سالار سميجو 176 ووٽ کڻي سگھيو ۽ 21 ووٽن تان اليڪشن ھارائي ويو.

ڳڙهي ياسين ۾ صحافي مشتاق سولنگي جو ڀيڻويو لاڏاڻو ڪري ويو

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ  ) ڳڙهي ياسين پريس ڪلب جي صحافي مشتاق سولنگي جو ڀيڻويو حبيب الله سولنگي 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻوڪري ويو ، مرحوم جي جناز نماز ۾ سياسي سماجي ، صحافين ۽ سولنگي برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ، مرحوم جو مڙهه ابائي قبرستان پير ڏاڏا قاسم شاهه ۾ مٽئ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، مرحوم جو تڏو ڳوٺ راڄڙ ماڇئ ۾ وڇايو ويو جتي پوئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي .

سيکاٽ ۾ جاويد احمد سمون کي ڄام آف سنڌ جي پڳ ٻڌرائي وئي

مٽياري (ت ر)سيکاٽ ۾ جاويد احمد سمون کي ڄام آف سنڌ جي پڳ ٻڌرائي وئي، پڳ جي رسم ۾ سڄي سنڌ مان مختلف درگاهن جي گادي نشينن، راڄن جي چڳن مڙسن سميت سمان برادريءَ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڄام آف سنڌ ڏاڏا حاجي محمد هاشم سمون جي انتقال کان پوءِ سندس وڏي فرزند جاويد احمد سمون کي ڄام آف سنڌ جي پڳ ٻڌرائي ويئي. تقريب ۾ پڳ جو پهريون ور درگاهه آغا عبدالرحيم سرهندي جي گادي نشين پير غلام مجدد سرهندي ڏنو، جنهن بعد سيد شبير احمد شاهه راشديءَ پڳ جو ٻيو ور ڏنو، جڏهن ته پڳ جو ٽيو ور سنڌ جي ناليواري وڏيري وڏيرو محمد خان جوڻيجو ڏنو، ان کان پوءِ جن معزز شخصيتن ڄام آف سنڌ جاويد احمد سمون کي پڳ جا ور ڏنا انهن ۾ سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، سابق ضلعي چيئرمين مٽياري مخدوم فخرالزمان، ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي، درگاهه سخي هاشم شاهه مٽياري جو گادي نشين پير سيد الهيار شاهه هاشمي، درگاهه محمد شاهه جو گادي نشين سيد شبير احمد شاهه، سيد اظهر حسين شاهه ڄاموٽ، رئيس بابر ڪيريو، اڳوڻو ميونپسل چيئرمين چيئرمين هالا مخدوم عمار حسين، فقير ولي محمد نوح پوٽو، محمد خان سمون، محمد علي وساڻ، ارباب سمون پيٽارو، اختر پلي،  اڳوڻو ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسنل مٽياري نانا نويد احمد سمون، سيد شعيب اختر شاهه، سياسي سماجي شخصيت حاجي خير محمد کوکر، ٽي سي پي چيئرمين رياض ميمڻ،سيد جاني شاھ حسيني ،حاجي ولي محمد سمون، حاجي انور سمون، ڀڳوان داس، رازق ڏنو همون پوٽو، سيد نويد حيدر شاهه، حافظ بشارت احمد ميمڻ، سنڌ ميمڻ اتحاد جو اڳواڻ عبدالشڪور ميمڻ، وڏيرو محمد اسلم سوهو، غلام شبير ابڙو، وڏيرو عبدالرحمان ڏٿو، سيد سليمان شاهه بخاري، فقير حسين علي جعفري، وڏيرو رستم جهيجو، وڏيرو محمد ايوب سمون، گهارو کان حاجي جمن سمون، فضل سمون، افتخار سمون رتوديرو، لاڙڪاڻي کان افضل ابڙو، قومي شاعر تاجل بيوس ۽ ننڍن ڀائرن غلام رباني سمون، اختر حسين سمون، طارق حسين سمون، ساجد حسين سمون، اخلاق سمون، ساجد سمون سميت ٻين معزز شخصيتن پڳ جا ور ڏنا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.