لاڙڪاڻي ۾ دڪاندار جو چوري خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ميروخان چوڪ واري علائقي جي رهواسي موبائيل فونن جي دڪاندار دڪان مان چوري ٿيل سامان ۽ روڪ رقم واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي متاثر دڪاندار آصف علي ميربحر الزام لڳائيندي چيو ته گذريل جمعي رات نامعلوم چورن منهنجي دڪان جي ڇت ڀڃي دڪان ۾ پيل 80 هزار روپيا روڪ رقم، ٻه عدد ٽچ موبائيل سيٽ ۽ 17 عدد عام موبائيلون فونون چوري ڪري ويا اهڙي واقعي جي رپورٽ وليد ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس هن وقت تائين چوري ٿيل رقم ۽ سامان واپس نه ڪرائي سگهي آهي ۽ نه ئي ملوث چورن خلاف ڪائي ڪاروائي ٿي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ۾ ملوث چورن خلاف ڪاروائي ڪري چوري ٿيل روڪ رقم ۽ موبائيلون واپس ڪرائي انصاف فراهم وڃي. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي وليد ٿاڻي جي ايس ايڇ او تنوير عباس ڪماريو ٻڌايو ته واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون جلد ئي چوري ۾ ملوث چورن کي گرفتار ڪري متاثر دڪاندارن کي چوري واپس ڪرائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.