فريدآباد ۾ مفت طبي ڪئمپ، 600 مريضن کي دوائون ڏنيون ويون

فريدآباد (ن ع آ)فريدآباد لڳ ايس يو پي ضلع دادو پاران رضيه لغاري ويلفئر ٽرسٽ جي تعاون سان ڪاڇي جي ڳوٺ ڀنڀا ڏيرا ۾ ھڪ روز مفت ميڍيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ نالي وارن ماهر ڊاڪٽر ڪي ڪي ڀرڳري ڊاڪٽر عبدالغفار چانڊيو وولينٽيئر سجادحسين ڀرڳري ڪاڇي جي غريب مسڪين بيمار مردن عورتن ۽ ٻارڙن سميت 600 ماڻھن کي تپاسي مفت دوائون ڏنيون ويون ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ايس يو پي ضلعي دادو جي سينئر نائب صدر حاجي خان مارفاڻي، جنرل سڪيٽري سٽي فريدآباد جو صدر عبدالغني ڇٽو ،سماجي اڳواڻ ميهرعلي ڏيرو، علي حسن ڏيرو ۽ ٻين ميڍيڪل ڪئمپ ۾ شريڪ ٿي حصو ورتو. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان مارفاڻي چيو ته اسان ڪاڇي جي غريب مسڪن بي سهارا ماڻھن جي خدمت ڪندا رهنداسين ايس يو پي پليٽ فارم تي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مفت ميڍيڪل ڪئمپون لڳائيندا رهنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.