ادي ۽ ادو سڀ شيون کپائي آخر ٻيٽ به وڪرو ڪري ڇڏيا:محمد عالم بروهي

گلشن اقبال (ن ع آ)انڊس ٽائون ۾  سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران جلسو  ڪوٺايو ويو جنھن ۾ مرڪزي صدر محمد عالم بروھي، سينئر نائب صدر ڊاڪٽر شفقت عباسي، چيئرمين علي مردان راھوجو، نجما ناز، نھال خان ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اسان سنڌ جي ماڻھن لاء فورم ٺاھي، آھي جيڪا سنڌ جي حقن لاءِ ڪوششون وٺندي، انھن چيو ته سڄي سنڌ ۾ 84 ھزار اسڪول آھن انھن اسڪولن ۾ قوم جي معمارن لاءِ تعليم اڻپوري آھي، ھاسٽلن ۾ سنڌي نوجوانن لاء رهائش ڪونھي، پ پ سنڌ کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، ادي ۽ ادو سڀ شيون کپائي آخر ٻيٽ به وڪرو ڪري ڇڏيا،  اڌ صدي کان قوم کان ڀٽي جي نالي تي ووٽ ورتو وڃي ٿو پر اڃان ڀٽي جو اسان تي قرض ناهي لٿو قوم محترمه بينظير کي اھو ضرور دانھن ڏيندي ته پاڻ ته شھيد ٿي وئين پر اسان کي اھڙن واڳئن جي منھن ۾ وڌئي جو جان نٿي ڇٽي انھن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ھليا وڃو پر پ پ حڪومت لاء 10 سيڪڙو ماڻھون به ساراهه نه ڪندا جڏھن ووٽ جو وقت ايندو ته ووٽ وري به انھن کي ڏيندا سمجھي وڃو ته ڪارڻ صرف ماڻھن وٽ پليٽ فارم نه ھجڻ آھي، انھن وڌيڪ چيو ته اسان اوھان کي پليٽ فارم ڏنو آھي ان کي سنڀالڻ اوھان نوجوانن جو ڪم آھي، دنيا جي وڏن يونورسٽين ۾ اسان پڙھائي چڪا آھيون،وڏن عھدن تي نوڪريون ڪري چڪا آھيون اسان کي خبر آھي تعليم جي ميعار ڇا آھي، رھي ڳالھ وڏيرن جي انھن کان جان ڪيئن ڇڏايون، ان حقيقت جو جواب صرف اھو آھي ته اسان جو نوجوان تعليم حاصل ڪري، تڏھن سولائي سان وڏيرن مان جان ڇڏائي سگھون ٿا، انھن چيو ته وڏيرا سياستدان، آفيسر شاھي  ھڪ گينگ ٺاھيون ويٺا آھن، اڪيلو وڏيرو ڪجھ به ڪونھي، انھي ٽنھي گروپن مان جان ڇڏائڻ لاء صرف تعليم جي ضرورت آھي، اسان پنھنجي فورم جي پليٽ فارم تان تعليم جي نظام، پوليس جي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنداسين. آخر ۾ انڊس ڳوٺ جي صدر علي غلام ڀنڀرو،قادر ڏيپر، شان تنيو، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران حصو ورتو ويندو،

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.