راڌڻ ۾ پيرسن جو پٽ سميت زمين تي قبضي خلاف احتجاج

راڌڻ (ن ع آ)راڌڻ لڳ ڳوٺ واڍا موري واسي پيرسن حاجي عزيزالله لاڙڪ ۽ سندس پٽ محمد سليمان لاڙڪ پريس ڪلب راڌڻ پهچي صحافين اڳيان دانهيدي ٻڌايو ته سندن مائٽن سپروائيزر ۽ مختيار ڪار سان ملي ڀڳت ڪري ڳري رشوت عيوض سندن زرعي زمين ديهھ نيرھه سروي نمبر 85،461،128 ۽ 129 جي ڪاغذن ۾  ھيرا ڦيري ڪري قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ زمين ڦٻائڻ لاءِ سندن مٿان ڪوڙا ڪيس پڻ ڪرايا ويا آهن مظاهرين وڌيڪ ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان اها زمين 1977 ۾ خريد ڪئي هئي جنهن جا تمام ڪاغذات اسان وٽ موجود آهن مگر مٿي ڄاڻايل منهنجي مائٽن تپيدار ۽ سپروائيزر کي تمام گهڻي رقم رشوت عيوض ڏني آهي جنهن سبب تپيدار پنهنجي عهدي جو ناجائز فائدو وٺندي اسان جي زميني ڪاغذات ۾ هيرا ڦيري ڪري اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ وارن جي مدد ڪري رهيو آهي هنن ڊي سي دادو ڪورٽ سڳوري ۽ نيب جي اعلئ انتظاميه کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي زرعي زمين جي هلندڙ ڪيس جي انڪوائري ڪري جاچ ڪرائي مونکي انصاف فراهم  ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.